گورچاڻي: ’گور‘ فارسي لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: صحرا، جهنگل، قبر، لاش ۽ جهنگلي وغيره. گورچاڻي لفظ جي اصطلاحي معنيٰ آهي صحرائن ۽ جهنگلن ۾ رهڻ وارا گڏهن تي سفر ڪرڻ وارا لاڏائو ماڻهو. گورچاڻي مختلف قبيلن تي مشتمل هڪ بلوچ قبيلو آهي. گورچاڻي اصل ۾ رند آهن، جن جو اصل مرڪز بلوچستان ۾ ’لعل ڳڙهه’ هو، جتان هي لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. پنجاب کان لڏي آيل گورچاڻي سرائڪي ۽ بلوچستان مان لڏي آيل بلوچي ڳالهائين ٿا.