گوربان ٽڪري

گوربان ٽڪري (ماڳ): هي ماڳ ڪراچي کان 45 ڪلوميٽر اوڀر، سپر هاءِ وي. تي جرندو پل کان 4 ڪلوميٽر اتر ۾ نئن مول جي ساڄي ڪپ تي ديھه ڪاٺوڙ ۾ آهي. ٽڪريءَ ڊيگهه ۾ هڪ ڪلوميٽر ۽ اوچائي ۾ 60 فوٽ آهي.مقامي طور ڪي ماڻهو ھن ٽڪري کي گوهر جتڻي سان منسوب ڪندي ’گوهر بان‘ سڏين ٿا.
هن ٽڪريءَ تي ڪُل اٺ قبرون آھن، جن مان هڪ قبر 38 فوٽ ڊگهي آهي، جيڪا ٽڪريءَ جي سوڙهي چيلھه تي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين هجڻ سبب ٽڪريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي بيٺل آهي. ھن قبر کي کروٿ وانگر چؤديواري ڏنل آهي. باقي ستن قبرن مان پنج وڏيون ۽ ٻھ ننڍيون آھن. ٽڪريءَ جي اوڀر ۾ ڪجهه مفاصلي تي ٽن ڪمرن جا نشان ملن ٿا، جن جا بنياد پٿرن جا آھن. اوڀر- اولھه رخ ۾ پکڙيل ھن ٽڪريءَ جي اوڀر ۾ نئن مول، اولھه ۾ نئن جرندو، جنھن کان اڳتي ڪاٺوڙ جو سرسبز علائقو، ڏکڻ ۾ پٿريلو علائقو ۽ اتر ۾ ٽيوب ويل ۽ برساتي پاڻيءَ تي ٿيندڙ زمين آهي.


لفظ گوربان ٽڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو