گودڙِيا

گودڙِيا: هي اصل ۾ ذات نه پر گودڙين وارا فقير آهن. ڳچيءَ ۽ ڪلهي ۾ گودڙي (ڳوٿري) وجهي دان وٺندا آهن. هي مسلمان توڙي هندن ۾ آهن. گودڙي پائڻ جي نسبت سان ذات جا ’گودڙيا‘ سڏجن ٿا. مٽياريءَ ۾ رهندڙ ميمڻن جي هڪ پاڙي ۽ ٿر جي ميگهواڙن ۾ پڻ هن پاڙي وارا موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو