گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري

گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري: گوتم شڪارپوريءَ جو اصل نالو لڌارام ڪـشـارام ڇـاٻـڙيـا هـو. هن 12 اپريل 1917ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. مختصر تعليم حاصل ڪرڻ بعد پريس ۾ ڪم سکڻ لڳو. پريس جي ماحول ۾ رهندي، سندس اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. گرداس ’اداسي‘ ۽ بدر دريشاڻيءَ جي صحبت ۾ شاعريءَ طرف راغب ٿيو. پهرين شاعريءَ ۾ ’ساقي‘ تخلص ڪم آندائين ۽ 1942ع کان پوءِ ’گوتم شڪارپوريءَ‘ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشھور ۽ معروف ٿيو. ورهاڱي بعد هندستان هليو ويو. جتي سنڌو نگر (الهاس نگر) ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس نظم ’سنڌڙي‘ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: ڪريان ساھہ صدقي، گهوريان پنهنجو تن، سگهان ڪيئن وساري، مان سنڌڙي وطن، ڀلا ڪيئن وساريان شڪارپور جو پاڻي!


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.04.12  عيسوي

گوتم شڪارپوريءَ جو اصل نالو لڌارام ڪـشـارام ڇـاٻـڙيـا هـو. هن 12 اپريل 1917ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دوست محمد هڪڙو
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
ديارام ساهني
بھلول لوڌي
علي مير شاھہ
پير پٿورو
راهوجو جھانگير
ابن الهيثم
شاهل محمد ڪلهوڙو
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون