گوتم شڪارپوري: گوتم شڪارپوريءَ جو اصل نالو لڌارام ڪـشـارام ڇـاٻـڙيـا هـو. ھن 12 اپريل 1917ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. مختصر تعليم حاصل ڪرڻ بعد پريس ۾ ڪم سکڻ لڳو. پريس جي ماحول ۾ رھندي، سندس اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون ٿيون. گرداس ’اداسي‘ ۽ بدر دريشاڻيءَ جي صحبت ۾ شاعريءَ طرف راغب ٿيو. پھرين شاعريءَ ۾ ’ساقي‘ تخلص ڪم آندائين ۽ 1942ع کان پوءِ ’گوتم شڪارپوريءَ‘ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشھور ۽ معروف ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ ھندستان هليو ويو. جتي هن سنڌو نگر (الھاس نگر) ۾ رهائش اختيار ڪئي.