
گوبند مالھي
گوبند مالھي: گوبند مالهي 5 آگسٽ 1921ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٺارو شاهه ۾ ئي حاصل ڪيائين. ميٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪيائين. سياست جي شروعات 1940ع کان ڊي جي ڪاليج ۾ فين وڌائڻ جي خلاف هلايل تحريڪ ۾ حشو ڪيولراماڻي جي صحبت ۾ اچي ڪيائين ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. 1941ع ڌاري سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت سبب ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سياسي سرگرمين سبب 1942ع ۾ جيل ويو. 1943ع ۾’نئي دنيا ڪتاب گهر‘ سان وابسته ٿيو. 1944ع ۾ ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي ڪيائين. هي ان دؤر ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 44-1945ع ۾ سياسي توڙي ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين، جنھن جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1946ع ڌاري ھن ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي رھنمائيءَ هيٺ ترقي پسند خيالن ۽ نظرين جي حامي شاگردن، اديبن ۽ شاعرن جي هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنھن جو نالو ابتدا ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ رکيو ويو. ان سرڪل جي سرگرمين ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، ارجن شاد، روشن آرا مغل ۽ سندري اُتمچنداڻي حصو وٺندا هئا. ان کان پوءِ ان کي سنڌ سطح جي جماعت بڻائي، اپريل 1947ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌائين. پاڻ سيڪريٽري، شيخ اياز ۽ بھاري لال ڇاٻڙيا جوائنٽ سيڪريٽري ٿيا. ھن 1947ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر پاران ’نئين دنيا‘ جي نالي سان ماهوار رسالو شروع ڪيو. جنھن پاران پھريون ترقي پسند ڪھاڻين جو مجموعو ’ريگستاني ڦول‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ورهاڱي بعد هو هندستان هليو ويو ۽ ’نئين دنيا‘ مخزن بند ٿي، جيڪا پوءِ 1948ع ۾ ٻيھر بمبئي مان شروع ڪيائين. گڏوگڏ ’نئن ساهت منڊل‘ جو بنياد رکيائين، جنھن جو سيڪريٽري بڻيو. 1950ع ۾ ’نئون ساهت منڊل‘ جو نالو بدلائي ’سنڌي ساهت منڊل‘ رکيو ويو ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم تان پھريون سميلن سڏايو ويو.
گوبند مالهي 1935ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس پھرين لکڻي 13 ورهين جي عمر ۾ ڇپي. ھن هڪ ڪھاڻيڪار هجڻ سان گڏ ناول جي کيتر ۾ وڌيڪ لکيو آهي. سندس پھريون اصلوڪو ناول ’آنسو‘ (1952ع)، ٻيو ناول ’زندگي جي راهه تي به‘ (1952ع)، ٽيون ناول ’جيون ساٿي‘ ۽ ٽي ٻيا ناول ’پيار جي پياس‘، ’من جو ميت‘ ۽ ’پکيئڙا ولر کان وڇڙيا‘ (1953ع)، ’چنچل نگاهون‘، ’للڪار‘ (1954ع)، ’عشق ناهي راند‘ (1955ع)، ’شرم ٻوٽي‘ (1956ع)، ’لوڪ آهي ٻوڪ‘ (1957ع)، ’ديسي سيڻ ڪجن‘ (1958ع)، ’ڏيھي ٿيا پرڏيھي‘ (1961ع)، ’محبت جي راهه ۾‘ (1975ع)، ’هڪ انسان سؤ طوفان‘، ’پريتم ويو پرديس‘، ’سمگلر‘، ’انقلابي سپاهي‘، ’سونھن جا سوداگر‘، ’تون مان هوءَ‘ ۽ ’مسوريءَ جي راڻي‘ وغيره شامل آھن. گوبند مالهي ناول ۽ ڪھاڻي کانسواءِ ناٽڪ به لکيا. هن ڪيترن ئي مشھور ليکڪن جي ڪھاڻين کي ناٽڪ جو روپ ڏئي پيش ڪيو، جن ۾: منشي پريم چند جي ڪھاڻي ’ڪفن‘، ’مسافرون ڪي ليئي‘ (گورڪي جي لومر ڊيپٿس تي ھندي ۾) ۽ ’گاءِ ڪي چوري‘ (بنڪم چندر جي ڪھاڻي) شامل آهن. سندس ناٽڪن ۾: ’نمي‘، ’گستاخي معاف‘، ۽ ’گهوٽ ڪنوار راضي‘ اهم آھن. ھن ڪجهه ناٽڪ ھنديءَ ۾ پڻ لکيا. گوبند ڳچ وقت تائين (1954ع کان) انڊين پيپلس ٿئيٽر جو جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر پڻ رهيو. ان کانسواءِ سنڌي ٻولي تسليمي تحريڪ جو مکيھ اڳواڻ پڻ رهيو. 1953ع ۾ ھن، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي. جي اتم ’سنڌي ٻولي ساهت سڀا‘ جو بنياد رکيو. انھيءَ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. هنن اديبن جي ٽمورتي (ڪيرت، اُتم ۽ گوبند) ٻين اديبن منگهارام ملڪاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، حشو ڪيولراڻي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻين سان گڏجي 16 سال جدوجھد ڪئي ۽ 10 اپريل 1967ع تي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان قرار ڏياريو. هن 25 کن ناول لکيا ۽ ’ناول سمراٽ‘ سڏيو ويو. ناولن کانسواءِ ٻيا به هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾: ’پرهه ڦٽي‘، ’سوويت يونين‘، ’سڀاڻي اسان جو آ‘، ’تعليم‘، ’لاٽ‘، ’چونڊ سنڌي ڪھاڻيون‘ (ترتيب)، ’اڳتي قدم‘ (ڪھاڻيون)، ’پھريون پيار‘ (يادگيريون)، ’آتم ڪھاڻي‘، ’ڳالهيون منھنجي ڳوٺ جون‘، ’ادب ۽ اديب‘، ’سنڌڙي منھنجي جندڙي‘، ’آس ۾ نرواس‘ ۽ سندن ترتيب ڏنل (پنج جلد) ڪتاب ’چونڊ سنڌي ڪھاڻيون‘ جيڪو ساهتيھ اڪيڊمي پاران ڇپيو. جنھن جو ھندي، مرهٽي، گجراتيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيو. ھن ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ھند ۾، ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ جي آبياريءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن 25 سالن تائين ڀڳونتي ناواڻي ۽ سترام روهڙا سان گڏجي سنڌي راڳ جي به خدمت ڪئي. 1989ع ۾ سگا جي دعوت تي سچل انٽرنيشنل سيمينار ۾ شرڪت لاءِ سنڌ آيو ۽ پنھنجي دوستن سوڀي گيانچنداڻي ۽ شيخ اياز ۽ ٻين سان مليو. گوبند مالهي 10 فيبروري 2001ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
1921.08.05 عيسوي
گوبند مالهي 5 آگسٽ 1921ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
2001.02.10 عيسوي
گوبند مالهي 10 فيبروري 2001ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.