گهگهو

گهگهو (ساز): هي بوڙينڊي وانگر پڪي مٽيءَ مان ٺھيل ساز آهي. هن ساز جي شڪل پکيءَ جھڙي ٿئي. اصل ۾ هي رانديڪو آهي. سنڌ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان اهڙا رانديڪا مليا آهن. هي ساز سيٽيءَ جو آواز گهگهو يا نر ڳيري جي آواز وانگر ٿئي، ان ڪري ان تي اهو نالو پيو آهي. پکيءَ جي چھنب واري هنڌ سوراخ ٿئي، جتان ڦوڪ ڏبي آهي. ڳچيءَ جي هيٺان ٻه سوراخ ٿين جن مان هوا وسيلي آواز نڪرندو آهي.


لفظ گهگهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو