گهگهر نئن

گهگهر نئن: هي نئن ضلعي ملير ۾ ديھه گهگهر ۽ ڌاٻيجي جي دنگ تان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڪراچي کان ٺٽي ڏانھن ويندي ڪيتريون نئيون اچن ٿيون، جن مان سسئي پُل کانپوءِ پھرين گهگهر نئن ايندي آهي. هي نئن ڳوٺ مورند وٽ ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي، جن مان هڪ حصي جو نالو وٽيجي ۽ ٻئي حصي جو نالو گهگهر آهي، جيڪي ٻئي نئيون اڳتي وهي وٽيجي وٽ ٻيھر هڪ ٿي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. گهگهر نئن وارو علائقو جابلو آهي، جتي ماضي ۾ گُهگُهر جا وڻ جام ٿيندا هئا. جنھن ڪري هن علائقي کي گُهگُهر سڏيو ويو، جيڪو نالو بگڙي گهگهر/گگر ٿيو. نئن جي نسبت سان ديھه ۽ يونين ڪائونسل جو نالو به گهگهر آهي. هن نئن تي ڪراچي کان حيدرآباد ۽ اڳتي پنجاب ويندڙ ريلوي پٽڙي کي هڪ وڏي پُل ذريعي گنڍيو ويو آهي. ٺٽي ويندڙ روڊ کي نئن مٿان پُل ڏنل آهي، جيڪا گهگهر ڦاٽڪ جي نالي سان مشھور آهي.


لفظ گهگهر نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو