گهوگهاري جو ڪوٽ

گهوگهاري جو ڪوٽ: هي ماڳ قنبر کان ڏکڻ طرف 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سرڪل رانوتي، يونين ڪائونسل ۽ تپي خيرپور جوسي ديھه گهوگهاري ۾ واقع آهي. ’گهوگهارو خان‘ ذات جو مڱڻ هو، جنھن هي ڪوٽ سنڌ جي هن ڀاڱي جي والي مير سھراب خان ٽالپر (1811ع-1783ع) جي ڏينھن ۾ ٺھرايو. کيس ميرن جي دؤر ۾ جاگير سان گڏ فوج ۾ عھدو به مليل هو. سندس ڪوٽ جا ڦٽل آثار، ڳوٺ جي اترين پاسي کان هڪ مٿانھين دڙي تي موجود آهن، اتي گهوگهاري خان جو مقبرو به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو