
گهوڙو
گهوڙو: گهوڙو، جنھن جو بائيولاجيڪل نالو Equus Caballus آهي. هي کُرن وارو ٿڻائتو جانور آهي ۽Equidae خاندان جي موجود اَٺن قسمن مان هڪ آهي. پھرين گهوڙا ۽ ٻيا سڀ جهنگلي جانور به ايئن ئي هئا، جيئن اڄ ڪلهه زيبرا آهن. ماڻهو انھن جو شڪار ڪري انھن جو گوشت کائيندا هئا. بابر ”تزڪ بابري“ ڪتاب ۾ لکيو آهي: ’جڏهن هن جون فوجون بک مرڻ لڳيون ته هنن گهوڙا ڪھي کاڌا. قديم دور جون سموريون جنگيون گهڻو ڪري ته انسانن سان گڏجي گهوڙن وڙهيون. جبل، درياهه، صحرا ۽ جهنگ لتاڙي گهوڙن نوان ملڪ ۽ علائقا ڳولي لڌا ۽ فاتحن ۽ حملي آورن لاءِ سولائي ڪئي. سڪندر اعظم، منگول توڙي ٻيا حملي آور ڀلي نسل جا گهوڙا رکندا هئا.‘ خاص طور انهن جانورن کي کل لاءِ ماريو ويندو هو. جن کلن کي ڪپڙن ۽ تنبوئن طور استعمال ڪيو ويندو هو. پر 4 هزار سال قبل مسيح ۾ وچ ايشيا ۾ ماڻهن گهوڙن کي گهريلو بڻايو. پھرين گهوڙن جو قد تمام ننڍو هو ۽ اهي ماڻهو کڻڻ جي قابل نه هئا ۽ انھن کي تيستائين سواريءَ لاءِ استعمال نه ڪيو ويو، جيستائين انھن جو قد وڏو نه ٿيو ۽ آسانيءَ سان ماڻهن جي سواري جي قابل نه بڻيا. سنڌي نسل جي گهوڙي جا ڪيترائي قسم خاتمي جي ڪنڌيءَ تي پهچي چڪا آهن.
هڪ تحقيق موجب سنڌي گهوڙو سڀني جانورن ۾ وڌيڪ قدر جوڳو آهي ۽ ان کي مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ورهاڱي کان اڳ گهوڙو خاص طور پوليس، آبپاشي ۽ روينيو کاتن ۾ مختلف خدمتن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. حڪومتي کاتن ۾ گهوڙن لاءِ طنبيلا قائم ٿيل هوندا هئا ۽ گهوڙا پالڻ ۽ سار سنڀال لاءِ خاص بجيٽ ۽ الائونس رکيا ويندا هئا. ان کان سواءِ ثقافتي ۽ روايتي ميلن ۾ گهوڙن جي ميل کي هٿي وٺرائڻ جي به هڪ خاص روايت موجود هوندي هئي. پر گذريل ڪجهه سالن کان ان روايت ۾ گهٽتائي آئي آهي. اصل ۽ ناياب سنڌي نسل جو گهوڙو ڏينھون ڏينھن مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي رهيو آهي. ٽنڊي الهيار، ٽنڊي آدم، ٻيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيل سروي موجب 75 سيڪڙو سنڌي گهوڙا ختم ٿي ويا آهن. روڊ ٺھڻ ۽ بسن، سوزوڪين، ويگنن ۽ موٽرسائيڪلن جي دستيابي سبب گهوڙن جي اهميت گهٽجي وئي. 30 سال اڳ هر ڳوٺ ۾ 30 کان 40 گهوڙا هوندا هئا، پر هاڻ مشڪل سان ڪنھن ڪنھن ڳوٺ ۾ هڪ يا ٻه گهوڙا ملن ٿا. سروي موجب گهوڙن جي ڀيٽ ۾ گهوڙين جو انگ وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ گهوڙن جا جيڪي نسل ملن ٿا. انھن ۾:
(1) عربي گهوڙو، (2) سامونڊي گهوڙو، (3) سنڌي ڪاٺياواڙي گهوڙو، (4) ڳاڙهو گهوڙو ۽ (5) کارائي گهوڙو اچي وڃن ٿا.
ان کان سواءِ سنڌي گهوڙي جا مختلف قسم آهن جن ۾:
(1) هڪ تارو گهوڙو (هي ڏسڻ ۾ خوبصورت هوندو آهي).
(2) ڏورڙو (هي عربي گهوڙي جي نسل جو هڪ قسم آهي).
(3) سنڌي يا کارائي گهوڙو وغيره شامل آهن.
سنڌي نسل جو گهوڙو پنھنجي هلڻ واري چال جي ڪري سڄي دنيا جي گهوڙن کان مختلف آهي ۽ ان جو سبب انھن جي چال سڌاريندڙ سوار آهن. سنڌي نسل جي گهوڙي جون 6 شروعاتي چالون آهن، جن کي هر سنڌي گهوڙي جي بنيادي ۽ ابتدائي سطح واريون چالون قرار ڏنو ويو آهي. اهي 6 مرحلا نه رڳو سيکارڻ ۾ وقت وٺن ٿا، پر عمل ڪرڻ ۾ به ڏکيا آهن. ڪنھن زماني ۾ سنڌي نسل جو گهوڙو بيحد مقبول هو. ٻُڌ روايتن ۾ اچي ٿو ته گوتم جي والده مايا ديوي گوتم جي پيدائش لاءِ جنھن رٿ تي چڙهي، پنھنجي والد جي گهر وڃي رهي هئي، ان جا گهوڙا سنڌي نسل جا هيا.