گهوٽڪي

گهوٽڪي (شھر): گهوٽڪي سنڌ جو قديم شھر آهي. جنھن کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو درجو مليل آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گهوٽن جي وڌندڙ آباديءَ ڪري 923هه/1517ع ۾ شھر جو نالو گهوٽڪي رکيو ويو. جڏهن سيد ابو جمال محمد مبارڪ شاهه نھرو 1065هه/1646ع ۾ اچي رهيو ته ڳوٺ جا ماڻهو ان جا مريد ٿيا ۽ پنھنجي شھر جون زمينون سيدن کي ڏيئي پاڻ شھر جي ڀر ۾ ڳوٺ ٺاهي رهڻ لڳا. پوءِ سيدن جي ڪري گهوٽڪي جو نالو ’لوءِ صاحبان‘ رکيو ويو. سيد مبارڪ شاهه نھرو 1090هه/ 1679ع ۾ وفات ڪئي. کيس اوڍهر والي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ گهوٽڪيءَ کي تعلقي جو درجو ڏئي، شڪارپور ضلعي ۾ شامل ڪيائون. 1878ع ۾ هڪ ڀيري گهوٽڪيءَ ۾ انگريز جي اچي ترسڻ وقت شھر جي هندن ۽ مسلمانن اتي وڃي سندس استقبال ڪيو. پر سيد صالح محمد ثالث عرف ’مولا رکيو‘ ان سان ملڻ لاءِ نه ويو. ان ڳالهه تي انگريز فوجي آفيسر ڪاوڙ ۾ اچي، سيدن جي زمينن ۽ ملڪيتن کي رد ڪري ’لوءِ صاحبان‘ جو نالو تبديل ڪري ٻيھر گهوٽڪي رکي ڇڏيو، جو هن وقت تائين برقرار آهي.
1901ع کان 1959ع تائين، بمبئي ائڪٽ تحت گهوٽڪيءَ کي ميونسپالٽيءَ جو درجو مليل هيو؛ جنھن بعد ٽائون جو درجو مليو. 1980ع ۾ وري ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏياريو ويو. 1983ع ۾ سکر کي ضلعي جو درجو مليو ته گهوٽڪي تعلقي کي ان ۾ شامل ڪيو ويو.
هي شھر سکر کان 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ڪراچي، پشاور شاهراهه تي واقع سنڌ جي حد جو آخري ضلعو آهي. گهوٽڪيءَ کان اٽڪل ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قادرپور گئس فيلڊ موجود آهي. گهوٽڪيءَ کي آگسٽ 1993ع ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو. جنھن ۾ پنج تعلقا: گهوٽڪي، خانڳڙهه، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو شامل آهن. هتي ننڍا وڏا ڪيترا ئي ڪارخانا آهن. 1914ع ۾ مولانا تاج محمد امروٽي مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي جو بنياد وڌو.


لفظ گهوٽڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو