گهور (رسم): سنڌ ۾ شادي جي موقعي تي گهور جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. شاديءَ جي موقعي تي آيل مھمان گهوٽ تان پئسا گهوري جيڪو وڄتن، ناچن يا ڳائڻن کي نذرانو ڏيندا آهن، اُن کي گهور چيو ويندو آهي. خوشيءَ جي موقعي تي گھوٽ جا مائٽ پئسا گهوٽ جي سِر تان گهمائي حجام يا دھل وڄائيندڙ مڱڻھار کي ڏيندا آھن ۽ ان موقعي تي گيت چوندا آهن. ان ۾ گهوٽ تان موتي گهورڻ، راڄ گهرائڻ ۽ ٻين خوشين ڪرڻ جو ذڪر هوندو آهي.
گهور رسم سان گڏوگڏ کوڙ جھڙوڪر مڱڻھارن، دهلارين، ڳائڻن ۽ راڳين وغيره جي روزگار جو ذريعو پڻ آهي، جنھن کي هو ’پَوَتِ‘ يا ’مرادي‘ پڻ چون. راڳي يا مڱڻھار شادي يا محفل مان ملندڙ گهور يا پوت جي ڳڻپ ڪري، اول اُن مان ڪرايو/ ڀاڙو يا خرچ ڪڍندا آهن ۽ پوءِ بقايه رقم برابر حصن ۾ ورهائي کڻندا آهن، جنھن کي هو پنھنجي اصطلاح ۾ ’بخرو‘ يا ’پتي‘ چوندا آهن.