گهلو واهه

گهلو واهه: هالا شھر جي ڏکڻ ۾، اٽڪل 12 ميلن جي مفاصلي تان، سنڌو درياهه مان آبپاشيءَ جي مقصدن سان ڪڍيل هڪ واهه. گهلو جي ميرواهه نالي مشھور شاخ، مير واهه گورچاڻي ويجهو جمڙائو واهه جي اولهه شاخ مان اٺ فوٽ قطر جي لوهي ناليءَ وسيلي لنگهندي هئي ۽ ميرپورخاص تعلقي ۾ واقع زمينن کي سيراب ڪندي هئي. هڪڙي لوهي ڇاٻَ/ لوهي ناليءَ وسيلي واهه تي ضابطو رکيو ويندو هو. واهه جي ايراضي 37 ميلَ هئي ۽ اُن جي 13 شاخن جي گڏيل ڊيگهه 121 ميلَ هئي. سڀني کان مک شاخن ۾ ڀُوم ڦاڙ (ايڪيھه ميل)، نانگڻائي (48 ميل) ۽ ميرواهه (سترهن ميل) ٻڌايل آهي. پوکي هيٺ آيل سراسري ايراضي 35742 ايڪڙ هئي، جنھن منجهان 1659 ايڪڙ وهڪري تي آباد ٿيندي هئي. ڍل جي ملندڙ ڪـُل رقم 66586 روپيا ۽ کاٽيءَ تي ايندڙ رقم 7023 روپيا ڄاڻايل آهي. نيڪال ٿيندڙ سراسري پاڻي 647 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ هو، جنھن جو آبيانو پنجاسي روپيا هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو