گهرٽياري نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي. ’گهرٽي‘ اٽي پيھڻ واري جنڊ کي چوندا آهن. آڳاٽي وقت ۾ هن نئن جي ڪپ تي اتي جا جنڊ پيٺا ويندا هئا، جن جو آواز پري کان ٻُڌڻ ۾ ايندو هو، تنھنڪري هن نئن کي ’گهرٽياري‘ سڏيو ويو. هيءَ نئن ننگرپارڪر شھر کان اٽڪل 3.5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي وهي ٿي ۽ ٻن ڪلوميٽرن تائين وهڻ کان پوءِ، وي نالي سان ملي ٿي ۽ ساڳئي رخ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تائين وهي ٿي. تنھن کان پوءِ اوڀر طرف مُڙي ٿي ۽ 2.5 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري ڪيترين ئي ڇاڙهن ۾ ورهائجي اڳتي هلي سنئين پٽ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.