گهاڻو

گهاڻو

گهاڻو

گهاڻو: گهاڻو سڄو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي. چار فٽ کن ڊگهي، ٻه فوٽ قطر واري ٿڙي، ان کي مڇيل پاسي کان کپي، چلمچيءَ وانگر ٻن ڀاڱن ۾ وڏا کانچا سليندا آهن. هيٺيون پيالي وارو ٽُنگ پر ڪجهه سوڙهو ۽ مٿيون موڪرو ۽ ٻنهيءَ جي وچ ۾ سوڙهي ڪنگڻي رهندي آهي. ان جي مُڇيل پاسي جي ڪنارن تي کپ ڪري چار ريلوي سليپرن جهڙا ڪاٺ سل چوڙ وسيلي هڪٻئي تي جچائي رکندا آهن، جن کي چئونڪي چون. اهي چارئي ڪاٺ، ٿڙي مٿان جڪڙيل هوندا آهن. انهيءَ ٿڙي جي سوراخ ۾ گهاڻي جي لٺ، جنهن جي چوٽي ڪنڊ هيٺيان دکيءَ واري گولائي ڏنل هوندي آهي. پاڻ مهري وانگر سڄي گولائي تي گهڙيل ٿئي ٿي. ان لٺ جي ڪنڊ تي پيالي جي گولائي واري ٽُنگ وارو مڪڙو رکي هڪڙي ٿاڦي يعني ايس ٽي جهڙي ڪاٺيءَ سان سرائي وسيلي ڳنڍيل رکندا آهن، يعني ٿاڦي ۽ مڪڙيءَ جون پڇاڙيون انجيس وانگر هڪ ٻئي ۾ کپي بيهنديون آهن ۽ آر پار سوراخ سڌائيءَ ۾ ٿيل هوندو اٿن. ان ۾ لوهه جو ڪير يا ڪلو وجهي، هنن ۾ لچڪدار ڳانڍاپو قائم ڪندا آهن. گهاڻي جي وهڻ وارو حصو، جنهن ۾ هڪ ٻيلهه کي ٻسانگي ڪاٺي، انبوريءَ جي وات چئونڪي هيٺيان ٿڙي سان ٽڪرجي گسي پئي ڦرندي. ان ٻيلهه جو ٻيو پاسو لسو وانگي ٿئي، جنهن کي ڳاڌي چئجي ٿو. ڳاڌيءَ جي ٻاهرئين پڇاڙيءَ تي چار ڳُڙک چوڌاري ڪري انهن ۾ چار ڏڪ ٺوڪي پوءِ انهن ڏڪن کي واجهه سان واڻي ڇٻي جي شڪل ٺاهي، ان جي وچ ۾ آلي مٽي يا سرن يا پٿرن جا ٽڪر رکي ڀراءُ ڪن. ڳاڌيءَ جي پوري وچ تي هڪڙي چورس دامن کپائي ٺوڪيندا آهن. ان کي ’ٿنڀي‘ سڏين ٿا. ٿنڀيءَ جي چوٽيءَ کان ٿورو هيٺ ٻه سوراخ ۽ ان جي مٿان ٿاڦيءَ جي تري کان ٿورو مٿڀرو ٻه سوراخ ٿين، انهن سوراخن ۾ هيٺ توڙي مٿي ٻه ڪاٺ جا گهڙيل ڪلا جن کي ڏورڻيون سڏين ٿا، سي گهرگهلا ڪري پائين ۽ پوءِ هيٺينءَ توڙي مٿئين ڪلي يا ڏورڻيءَ کي واجهه سان ناڙي ڇڏين ته ڳاڌيءَ جي ڀراءُ جو زور لٺ جي ڪنڊ تي وڃي ٿئي، تارازي يا ساهميءَ جي ڪاٺي وانگر ڳاڌي وچو وچ ٿي بيهندي، ۽ ڀراءُ وٽان هڪ ڪڍ ۽ ڳاڌي ۽ ٿڀيءَ جي وچ وٽان ٻي ڪنڊ نڪري وهٽ جي پنڊيءَ ڏي ويندي. گهاڻي واري اُٺ کي ڪنڌاٽ ڪونه وجهن، پر ڳچيءَ جو رسو مڪڙيءَ ۾ ورائي ڇڏين، اهڙي نموني اُٺ پيو ڦرندو ۽ گهاڻي ۾ پيل ٻج پيو پيڙبو. هڪ ماڻهو چئونڪين مٿي ويهي ميڙو ورائيندو يعني جيڪو مليدو ٻاهر ڪنارن تي نڪرندو ان کي ريڙهي هيٺ ڪيرائيندو، تان جو سمورو ٻج پيڙبو ويندو ۽ ٻج هيٺ تيل واري پيالي واري سوراخ ۾ ڪرندو ۽ گڏ پيو ٿيندو. ڳاڌيءَ کي هيٺيان سر يا ڪاٺ جي دوڳيءَ جي تڏ ڏيئي بيهاري، ٻج مان ٺهيل نار رنبي سان کرچي ڪڍي ڌار ڪندو ۽ تري ۾ پيل تيل تيلانڊيءَ يا لوهه جي ڪٻڙي سان ڀري ٻاهر دکيءَ ۾ وجهندو. ڪجهه رهيو ته اڳڙي، جنهن کي ناڻو چون، تنهن ۾ ڪڍي نپوڙيندا. گهاڻي ۾ تِرَ، ڄانڀو، کوپرو، توريي ۽ سرنهن جا ٻج پيڙبا آهن.


لفظ گهاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو