گهاڙيا ٽڪر ٿر

گهاڙيا ٽڪر ٿر: خيرپور ضلعي جو اهو ڀاڱو، جيڪو ناري ۽ مھراڻي جي وچ ۾ آهي، جنھن جي اوڀر واري پاسي وڏو نارو واهه ۽ اولھه طرف درياهه جي پاڻي واري آبادي آهي، ان جو اتريون ڀاڱو ٽڪر يا گهاڙ (جابلو) ۽ ڏاکڻيون ڀاڱو واريءَ وارو ٿر سڏجي ٿو. اتريون ٽڪر وارو پاسو ڪوٽ ڏجي تعلقي ۾ تلي وٽ ختم ٿئي ٿو. اتر کان ڏکڻ تائين سڄي ٽڪر ۾ ٿر جي ڊيگهه چاليھه-پنجيتاليھه ڪوهه (80-90 ميل)ٿيندي. هن بياباني ڀاڱي ۾ ميرن واري دؤر ۾ مالوند ماڻهن کي آباد ڪيو ويو، کوهه کوٽايا ويا ۽ تلاءَ کڻايا ويا. هن ڀاڱي مان ويندڙ آڳاٽي واٽ کي وڏو ڪيو ويو ۽ سھولت لاءِ مقرر منزلن تي پاڻيءَ لاءِ کوهه ۽ تلاءَ کوٽايا ويا. ٿر- ٽڪر يا گهاڙ واري واٽ ۾ هيٺيان کوهه ۽ تلاءُ اچي وڃن ٿا.
لمبري وارو تلاءُ (ٽڪر ۾)، مٽن وارو (ٽڪر ۾)، ڳڙهه تي کوهه (ڳڙهه وارو ٿر)، رهمون وارو تڙ (کوهه)، ملڪي جو تڙ (کوهه)، پاهڻن جو تڙ (کوهه)، مٺي وارو تڙ (کوهه)، گجي جو تڙ (کوهه)، ماڻي وار (کوهه)، ڪڪرن وارو تڙ (کوهه)، نونڙو-تڙ (کوهه)، حبيب جو تڙ (کوهه)، سانگريارو (کوهه)، سيمي اورو (تلاءُ)، ٻتڙو (کوهه)، بھار تلاءُ، لاکرنڊو تڙ (کوهه)، ڪرڙ وارو (تلاءُ)، کاريون، سرائي وارو مڪان ۽ کوهه، اٺ وارو (تلاءُ)، عيسن جي کڙ (کڙ معنيٰ کڏ-پاڻيءَ جو تلاءُ)، ڏاند کڙ (تلاءُ)، لير وارو تڙ (مٺو کوهه)، جاکيري وارو تڙ (تلاءُ)، ڏاچ وارو تڙ (کوهه)، گاداڻو (کوهه)، پٽيھل (کوهه)، سُھڻ (کوهه)، چپريرو (کوهه ۽ تلاءُ)، ڪنڊي وارو (کوهه)، پاڻي وارو سُھڻ (کوهه)، چپريرو (کوهه ۽ تلاءُ)، ڪنڊي وارو (کوهه)، پاڻي وارو (کوهه)، واڃياڻي وارو تڙ (کوهه)، کار وارو (کوهه)، ميٽھڙ (تلاءُ).


هن صفحي کي شيئر ڪريو