
گهارو
گهارو (شھر): تعلقي ميرپورساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ ٽائون جي حيثيت رکندڙ شھرگهارو ٺٽي شھر کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ڪراچيءَ کان 60 ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع آهي. گهارو اصل ۾ لفظ ’کارو‘ يا گهارو ’ڦاٽ‘ مان ورتل آهي. آڳاٽي دور ۾ سنڌوءَ جي اولهائين وهڪري جي اولهائين شاخ گهاري وٽان وهندي هئي، جيڪا ڀنڀور کان اڳتي وڃي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. سنڌوءَ جي اها شاخ گهٽجڻ کان پوءِ به هڪ ڍورو يا گهار انهيءَ هنڌ تان وهندي رهندي هئي. هن وقت تائين به اها گهار موجود آهي. سمنڊ جي وير چڙهڻ وقت اها گهار اتي وهي گهاري شھر تائين پھچندي آهي. قديم دؤر ۾ گهاري وارو علائقو سنڌوءَ جي وهڪري تي ۽ سمنڊ جي ڇوڙ ويجهو هئڻ ڪري وڻج واپار جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار رهيو. سومرن جي دؤر ۾ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ گهارو کاريءَ کي نقصان رسيو. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي لکي ٿو: ”ٻيڙيون ڪراچيءَ کان گهارو کاريءَ تائين اينديون رهنديون هيون. ڪراچيءَ کان ٻاهر ساڪري ۾، گهاري جي وچ تي ڪيتريون ئي کاريون ۽ ڍوريون هيون. ڪن کارين جا تذڪرا تاريخدانن ڪيا آهن. هن وقت گهڻين کارين جا نشان به مٽجي ويا آهن، پر گهارو کاريءَ جا نشان اڃا به چٽا آهن.“ پاڪستان جي قيام کان پھرين به گهارو شھر وڏو واپاري مرڪز هو. شھر ۾ هندن جي اڪثريت سبب واپار ۾ سندن اڪثريت هئي. هتي هڪ ڊگهي بازار هئي. پاڻيءَ لاءِ شھر جي اولھه طرف هڪ وڏو کوهه هوندو هو. شھر ۾ هندن جا مندر هئا، پر هن وقت اُنھن جو ڪو به نشان نه آهي. شھر جي اولھه طرف تفريح لاءِ هڪ باغيچو هوندو هو. شھر جا اڪثر گهر پڪين سِرن جا ٺھيل هئا. ورهاڱي کان پوءِ هتان جا سنڌي هندو، هندستان لڏي ويا. 1974ع ڌاري هن شھر کي ٽائون جو درجو ڏنو ويو. هن وقت گهارو، يونين ڪائونسل آهي. شھر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ پراڻو شھر ۽ ٻيو نئون شھر. 2017ع جي آدمشماري موجب هتان جي آبادي 2000 گهرن تي مشتمل آهي. سامونڊي پٽي کي ويجهو هئڻ ڪري شھر جي ماڻهن جو گذران مڇي مارڻ ۽ واپار تي آهي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هتي ’گهارو وِنڊ پاور پلانٽ‘ پڻ لڳل آهي.