گهائو رَڇ

گهائو رَڇ: هي رڇ پنج سئو کان هزار فوٽن تائين ڊگهائي ۾ ٺھيل هوندو آهي، ويڪر پندرهن ويھه فوٽ، هيٺان مٿان، رسو ’ران‘ ٻڌل هوندو اٿس. هيٺين ران ۾ فوٽ فوٽ جيتري مفاصلي تي وزني لوهي ڪڙا ٻڌل هوندا اٿس ته جيئن رڇ لاهڻ وقت هيٺين ران ترو وٺي زمين سان گڏ گھلجي سگهي. هن رڇ جا ’اکا‘ ڏيڍ کان 3 انچ جيترا ٺھيل هوندا آهن ۽ هيٺين ران سان ’گوندا‘ ٺھيل هوندا آهن. هي رڇ گهڻو ڪري سرءُ جي مند ۾ مڇي مارڻ لاءِ درياهه جي پيٽ وارن ٻيٽن جي ڪپرن ۾ ٻيڙيءَ وسيلي لاهبا آهن ۽ پنج ست مڙس مٿئين ران کي وٺي ڪپر تائين گھلي هلندا. جيڪا به مڇي انهيءَ رڇ جي گهيري ۾ ايندي، اها ڦاسندي. گوندن ۾ ته وڏا وڏا ڪرڙا، موراکا، ٿيلهيون گھلبا وٽيل سٽيل پيا ڦٿڪندا آهن. ماري ٻيڙي مان ’ڪھه‘ ڪڍي ايندو، ڊگهي ڏور ۾ ٻڌل سوئي کي ’ڪھه‘ چيو ويندو آهي. رڇ ڪپر تي پھچڻ سان ان مان مڇي ڪڍندا، هڪ اک کان سوئو ٽنبي، ٻي اک مان ڪڍندا ۽ مڇي ڏور ۾ پوئيندا ويندا. سڀ مڇيون ڪھه ۾ ٻڌي ۽ اها ڏور ٻيڙيءَ جي ڪڇيءَ سان ٻڌي ڇڏبي ۽ ڪھه ۾ پويل مڇي پاڻيءَ ۾ هوندي. اهو انھيءَ لاءِ ته جيئن مڇي ڪجهه وقت زنده رهي سگهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو