گنگا رام سمراٽ

گنگا رام سمراٽ : مشھور محقق، تاريخدان ۽ اديب، گنگارام گيانچند سمراٽ، 15 سيپٽمبر 1918ع تي سن، ضلعي دادوءَ (موجودہ ضلعي ڄام شوري) ۾ ڄائو. قومپرست اڳواڻ جي. ايم. سيد جي حويليءَ سان گڏ سندس گهر هوندو هو. ورهاڱي وقت 30 سالن جي پڪيءَ ڄمار ۾، وطن جا وڻ ڇڏي، سهجپور بوگا، احمدآباد، ڀارت ۾ وڃي آباد ٿيو. کيس ادب ۽ تاريخ سان خاص لڳاءُ هو. هن کي نہ رڳو سنڌي، پر هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي زبانن تي بہ وڏو عبور حاصل هو. هن سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ تاريخ بابت تاريخي مفروضن کي پنھنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي رد ڪيو. هن هند ۽ سنڌ جي تاريخ، هندو ڌرم جي پاڪ ڪتابن ۽ شاھہ لطيف بابت ڪافي ڪجهہ لکيو ۽ تحقيق ڪئي. وطن سنڌ جي محبت سندس هر تحرير مان بکندي هئي. جي. ايم. سيد سان سندس ويجهڙائي رهي هئي، اُن ڪري هند ۾ رهندي جي. ايم. سيد سان وڏي عرصي تائين سندس لکپڙھہ رهي. جڏهن 1964ع ۾ نامور محقق سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ڇپيو هو تہ هڪ مضمون ۾ اُن تي هن تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي جي. ايم. سيد کيس خط لکي ڏک جو اظهار ڪيو هو ته، ”هڪ تہ اسان وٽ تحقيق ٿئي ڪا نہ ٿي، ٻيو وري جيڪڏهن ڪي نوجوان قلم کڻن ٿا تہ مٿن بيجا تنقيد ڪرڻ، سندن تحقيق جو رستو روڪڻ جي برابر آهي.“ اُن جي جواب ۾ هن خط لکي وضاحت ڪئي هئي تہ ”مون ڪجهہ غلطين جي نشاندهي ڪئي هئي، باقي مون کي سراج لاءِ صدق هو، تڏهن تہ لکيو اٿم ته، هندستان ۾ ڪو اهڙي اوچي درجي جو سنڌي ساهتيہ ڪونه ٿو نڪري، جنهن سان هن ڪتاب جي ڀيٽ ڪري سگهجي. باقي سنڌ ۾ جيڪو ساهت پئي نڪتو آهي، تنهن معيار کان هيءُ ڪتاب هڪ نئين حيثيت رکي ٿو. سنڌي هئڻ جو ناز ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيارُ ليکڪ جي نس نس ۾ ايترو تہ گهرو اوتيل آهي، جو مهراج دوارڪا پرشاد کي بہ شھہ ڏئي ٿو وڃي. نوجوان ليکڪ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، سنڌيءَ کي نکاري بيهارڻ ۾ جا هن جي جدوجھد آهي، تنهن لاءِ هر سنڌيءَ کي ناز هئڻ گهرجي.“ جي. ايم. سيد ۽ گنگارام سمراٽ جي اها خط و ڪتابت، جي. ايم. سيد جي ڪتاب ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘ ۾ موجود آهي. گنگارام سمراٽ جي ڇپيل ڪن ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) آريا ورت (1947ع)، (2) ڀارت ورش (1966ع)، (3) سمراٽ چندرگپت (1974ع)، (4) گيان گنگا (1975ع)، (5) سنڌو سؤير (سنڌ جو پراچين اتهاس (1979ع)، (6) شُڌ رامائڻ (والميڪي: 1989ع)، (7) نئون چچنامو- ڀينڪر دوکو (1991ع)، (8) موهن جو دڙو (1992ع)، (9) گهر گرهست- گيان ساگر (1993ع). گنگارام سمراٽ ’آريہ وير‘ ۽ ’سنڌو متر‘ ماهوار رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.09.15  عيسوي

مشهور محقق، تاريخدان ۽ اديب، گنگارام گيانچند سمراٽ، 15 سيپٽمبر 1918ع تي سن، ضلعي دادوءَ (موجوده ضلعي ڄام شوري) ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
شير مھراڻي، ڊاڪٽر
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
سمرسيٽ ماهم
وينا شرنگي
غلام حسين رنگريز
علي اظهار
غلام حيدر گبول
عزيز رانجهاڻي
پلي معمور يوسفاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون