گنڌارا

گنڌارا (علائقو/تھذيب): گنڌارا هڪ آڳاٽي تھذيب آھي. ھن تھذيب جا ٻئي ۽ پھرين صدي قبل مسيح کان ٻي صدي عيسويءَ جي شروعات تائين موجوده پاڪستان ۽ افغانستان جي علائقن ۾ موجود ھجڻ جا اھڃاڻ ملن ٿا. انهيءَ عرصي دوران ھن علائقي تي ڪيترين ئي وڏين طاقتن جي حڪومت رھي پر انهن سڀني ۾ ٻڌمت لاءِ گڏيل احترام هو. سڪندر يونانيءَ جي ھندستان تي حملي کان پوءِ ھن علائقي ترقي ڪئي. گنڌارا جي جاگرافيائي حدن جي تفصيلي معلومات ٻُڌي راھب ’هيو سانگ‘ (Xuanzang Hsuanzang) 664-602 صدي بيان ڪئي، جنھن ھي علائقو گهميو ھو. ھن اھو دورو ان وقت ڪيو هو، جڏھن اھا تھذيب زوال واري دؤر مان گذري رھي ھئي. ھن قديم ٻڌ ڌرم جي ماخذن جي آڌار تي گنڌارا تھذيب/علائقي ۽ ان جي مختلف شھرن ۽ ماڳن کي واضح طور بيان ڪيو آھي. سندس ئي ماخذ کي موجوده وقت ۾ اھميت حاصل آھي، جنھن ۾ بيان ڪيل علائقن ۾ باقي بچيل قديم آثارن جي موجودگي، گنڌارا جي اصليت معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
گنڌارا جي مشھور شھرن ۾ تاڪشيلا (ٽيڪسيلا)، پروشپورا (پشاور) ۽ پشڪلاوتي (مردان) شامل آھن. جتي اڄ به ان تھذيب جا آثار موجود آهن. اھو اندازو لڳايو ويو آھي ته گنڌارا 100 ڪلوميٽر اوڀر کان اولهه ۽ 70 ڪلوميٽر اُتر کان ڏکڻ ۾ ھڪ ٽڪنڊي شڪل وارو خطو ھو، جيڪو گهڻو ڪري سنڌو درياهه جي اولهه ۾ واقع ھو ۽ اُتر طرف ۾ ھندوڪش جبلن سان جڙيل ھو. گنڌارا جي حد ۾ پشاور، سوات جي وادي، دير، بونير ۽ باجوڙ جا علائقا به اچن ٿا. جيڪي پاڪستان جي اترين حدن ۾ آھن. گنڌارا جون حدون (اھي علائقا جتي گنڌارا جي ثقافتي ۽ سياسي بالادستي قائم ھئي) افغانستان جي ڪابل وادي ۽ پاڪستان ۾ پنجاب صوبي ۾ پوٽوھار جي پليٽو تائين پکڙيل ھيون. ڪن محققن جو چوڻ آهي ته ’موھن جي دڙي‘ جي قديم آثارن ۾ آخري دؤر جو ھڪ اسٽوپا ۽ آثار به گنڌارا جي اثر جو نتيجو آهي. گنڌارا آڳاٽي دؤر جي ڪيترن ئي وڏين طاقتن جي حڪمراني ھيٺ رھيو، جن ۾: (1) فارس جي اخميني سلطنت (600 کان 400 ق-م)، (2) يونان جي مقدوني سلطنت ( 326 کان 324 ق-م)، (3) اتر ھند ستان جي موريا سلطنت (324 کان 185 ق-م)، (4) بيڪر يا جي ھند يوناني (250 کان 190 ق-م)، (5) ڀرندي يورپ جي سٿيائي حڪومت (پھرين صدي ق-م کان ٻي صدي عيسوي)، (6) پارٿيائي سلطنت (پھرين صدي ق-م کان پھرين صدي عيسوي)، (7)وچ ايشيا جي ڪُشان/ ڪُشن سلطنت (پھرين صدي عيسوي کان پھرين پنجين صدي عيسوي)، (8) سفيد ھُن (White Huns) پنجين صدي عيسوي کان اٺين عيسوي صدي)، (9) اتر ھندستان جي ھندو شاھي حاڪميت ( نائين صدي عيسوي کان ڏھين صدي عيسوي). ان کان پوءِ گنڌارا تھذيب جي علائقن تي مسلمانن جي فتح ٿي، جنھن کان پوءِ ھندستاني تاريخ جي وچين دور جو آغاز ٿيو. گنڌارا جي شھرن/علائقن ۾ روزاني/عام زندگي تمام گهڻي ترقي يافته ھئي. ھيءَ تھذيب ھندستان، فارس ۽ چين جي وچ ۾ هئڻ ڪري مسلسل حملي آورن، واپارين، راھبن ۽ مسافرن جي گذرگاهه رھي. جيتوڻيڪ گنڌارا تھذيب جا آثار ڄاڻايل علائقن ۾ قديم زماني کان موجود ھئا پر ان جي کوجنا 19 صدي عيسويءَ ۾ انگريز حڪومت ۾ شروع ٿي. اهڙي ريت گندرا جا آثار ويھين صديءَ کان ويندي موجود دؤر تائين قديم آثارن جي ماھرن جي تحقيق جو مرڪز رھيا آھن.


لفظ گنڌارا ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو