
سامتاڻي گُنو
گنو سامتاڻي: گنو سامتاڻي، 13 جولاءِ 1934ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڏيالداس سامتاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. گني سامتاڻيءَ جا وڏا اصل سيوھڻ شريف جا ھئا. گنو سامتاڻي 14 ورھين ۾ جنوري 1948ع ئي پنھنجي ڪٽنب سان گڏ سنڌ ڇڏي، الھاس نگر ۾ وڃي رھيو. ھن سنڌ نئشنل اسڪول مان 1951ع ۾ مئٽرڪ ڪئي جتي موھن ڪلپنا ۽ نارائڻ ڀارتي سندس ڪلاسي ھئا. گنو ڪجهه وقت ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رھيو ۽ پوءِ بمبئي ھليو ويو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرس) ڪيائين.گني مھاراشٽر حڪومت ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ اھم عھدي سيڪريٽريءَ تان رٽائرڊ ٿيو. گنو سامتاڻي، مھاراشٽر رياست جي سنڌي ساھتي اڪيڊميءَ جي قيام کان 1995ع تائين سيڪريٽري رھيو. ھي سنڌي ٻولي ساھت سڀا جو به جنرل سيڪريٽر ي رھيو. سندس ڪھاڻيون ڀارت جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيون. گني جو ھڪ ناول ’واپس‘ (1957ع)، ڪھاڻين جا ٻه مجموعا ’اپمان‘ (1965ع) ۽ ’اپرا جتا‘ 1970ع ڇپيا. سنڌ ۾ مدد علي سنڌيءَ سندس ڪھاڻين جو ’ڪليات‘، ’ھڪ راهه ھڪ پٿر‘ جي عنوان سان 2023ع ۾ ڪويتا پبليڪيشرز حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. ھن پنھنجي آخري لکيل ڪھاڻي ’پڙاڏو‘ ۾ پنھنجي ماضيءَ يعني حيدرآباد جي ناسٽيلجيا بيان ڪئي آھي. هي ڪھاڻيڪار 17 آگسٽ 1997ع تي ممبئي ۾ ديھانت ڪري ويو.
1934.07.13 عيسوي
گنو سامتاڻي، 13 جولاءِ 1934ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڏيالداس سامتاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
1997.08.17 عيسوي
گنو سامتاڻي 17 آگسٽ 1997ع تي ممبئي ۾ ديھانت ڪري ويو.