گنج

گنج (شاهه جو رسالو): گنج جي معنيٰ گهڻو، اڻميو، جهجهو، هيڪاندو، خزانو ۽ بي انت آهي. گنج نالي شاهه جو رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه جي ڀرسان، ڀٽ ڌڻيءَ جي قائم ڪيل (وڏي اوطاق) تي، تمراڻي فقيرن وٽ دستاويزي حيثيت ۾ محفوظ هو. جنھن جي هر سال 14 صفر تي عقيدت سان زيارت ڪرائي ويندي آهي. هي شاهه جي رسالي جو قديم قلمي نسخو، 7 جمادي الثاني 1207هه (20 جنوري 1793ع) تي ميين اسماعيل خان کاهوڙيءَ جي چوڻ ۽ نگرانيءَ ۾ فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه (لاڙ جي ڍوري لڳ ڳوٺ رمضان جت، بدين) لکي پورو ڪيو. ڪاتب بابت ممتاز مرزا ’گنج‘ ۾ لکيو آهي ته، “فقير عبدالعظيم نھايت سڄاڻ ۽ شاهه جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو هو، جيئن ته لاڙ جي لھجي جي شناسائي ۽ جتن فقيرن سان سندس اٿي ويٺي هئي، تنھنڪري هن رسالي جي رهاڻ نھايت خيال سان ٻڌي ۽ منجهس لطيفي لات جو عشق ٿيو. انهيءَ عشق کيس ڀٽ جو پنڌ ڪرايو ۽ اتي پھچي ميين اسماعيل کاهوڙيءَ جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان جي رهنمائيءَ ۾ گنج لکڻ شروع ڪيائين. ٽاڻن جي آڌار تي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ڪاتب پاڻ به رسالي جو يادگيرو رکڻ وارو هو، جو مختلف جاين تي، جيڪي بيت ٻيھر لکيا اٿس، انهن تي ’هــٰذا مکرر‘ جو ٽاڻو ڏنو اٿس. کيس ميين شاهه ڪريم جي ڪلام جي پڻ ڄاڻ هئي، جو ضميمي طور ميين شاهه ڪريم جا 35 بيت هن عنوان سان نقل ڪيا اٿس:
’بعض ابيات من ڪلام حضرت ميان سلامت مدظلمه‘
فقير عبدالعظيم نھايت خوش خط ۽ شاهه جو پارکو هو. گنج ۾ ڪل 4041 بيت ۽ 287 وايون شامل آهن. موجوده دستياب شاهه جي ڪلام جي سرچشمن مان مڪمل رسالو گنج ئي آهي، جنھن تي ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سن پڻ لکيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش جي راءِ موجب گنج کان آڳاٽا ڏهه رسالا ٻيا به آهن، جيڪي شاهه جي وفات کانپوءِ اندازاً 1165هه/1752ع کان 1210هه/1795ع تائين لکيا ويا. گنج ۾ ڪل 29 سرود/ سُر آهن ۽ ان ۾ شاهه جي ڪلام کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي صوفي بزرگ شاعرن جو ڪلام پڻ درج آهي. هن گنج کي جديد صورتخطيءَ ۾ ممتاز مرزا آندو. گنج ۾ هڪ صفحي تي هڪ طرف اصل گنج جو اسڪين ٿيل عڪس ڏنو ويو آهي ۽ ٻئي طرف جديد صورتخطي ڏني وئي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 250 سالا عرس جي موقعي تي 14 صفر 1415هه تي گنج ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، 1995ع ۾ جھازي سائيز ۾ خوبصورت آرٽ پيپر تي چؤرنگي ٽائٽل سان پڪي جلد ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن گنج (شاهه جي رسالي) کي ڊيمي سائيز ۾شاهه لطيف جي 251هين عرس جي موقعي، 14 صفر 1416هه مطابق/ 1995ع تي، ٻن جلدن ۾ ممتاز مرزا جي تفصيلي مھاڳ سان شايع ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ گنج جي ڪتابت، اهميت ۽ اشاعت بابت تفصيلي ڄاڻ لکيل آهي. هڪ جلد ۾ اصلي گنج جو عڪس شايع ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي جلد ۾ جديد صورتخطيءَ وارو روپ ڏنو ويو آهي.


لفظ گنج ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو