گنان

گنان: ’گنان‘ ’گيان‘ لفظ جي بدليل صورت آهي، جنھن جي مراد آهي: ’اهو نصيحت ڀريو علم ۽ ڪلام جيڪو اسماعيلي داعين ۽ سيدن پنھنجن نون اسماعيلي مريدن جي تعليمات لاءِ جوڙيو هو. جنھن جي ذريعي اسلام جا اصول ۽ اسماعيلي طريقي جي تعليم ڏني ويندي هئي.َ
گنان لفظ سنڌيءَ جي لفظ ’بنه‘ مان به ڄاڻايو ويو آهي، جنھن مان مراد، ’سرائتا گيت‘ آهي، يعني ’اهو ڪلام جيڪو جهونگاريو وڃي‘ يا ’سُر سان ڳايو وڃي‘. گنان جي هيئت سنڌي ڪافيءَ سان ملندڙ آهي. سڀ کان پھريون اسماعيلي داعي، پير ستگر نور هو، جنھن اسماعيلي فڪر جي ’ست پنٿ‘ طريقي جي تعليم پنھنجي جنھن منظوم ڪلام ذريعي ڏني، اُن ڪلام کي ’گنان‘ نالو ڏنو هو.اُن کان پوءِ آيل سڀني اسماعيلي داعين، گنانن جوڙڻ جو سلسلو جاري رکيو. گنان، حقيقت ۾ اهو منظوم، صوفياڻو، ناصحاڻو ۽ ويراڳي ڪلام آهي جيڪو يارهين صدي عيسويءَ جي وچ واري حصي کان وٺي، اوڻيھين صدي عيسويءَ تائين. ڌار ڌار دورن ۾، مختلف پيرن ۽ سيدن، سنڌو ماٿريءَ جي ڌار ڌار مقامي ٻولين، جھڙوڪ: سنڌي، ڪڇي، گجراتي، سرائڪي، پنجابي، ھندي، ھندوي ۽ پوربيءَ ۾، منظوم ڪري، ’ست پنٿ‘ جي مڃيندڙن، پنھنجن مريدن کي ڏنو. انهيءَ لاءِ ته اُهي اسلام جي شيعا اسماعيلي عقيدي جي ’ست پنٿ طريقي‘ جي تعليمات ۽ پيغام، اُن جي اصولن، ڪريا ڪرمن، طور طريقن، عبادت ۽ بندگيءَ جي طريقن کي، سندن ئي مادري زبانن ۾، آسانيءَ سان ياد ڪن ۽ اُنهن ۾ ڏنل تعليمات کي سمجهي سگهن.


لفظ گنانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو