گل ڦل

گل ڦل (رسالو): ٻارن جو هيءُ علمي ادبي رسالو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1959ع ۾ ان وقت جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي جاري ڪيو. رسالي جو پھريون ايڊيٽر غلام رباني آگرو هو. گل ڦل پاران ’ٻارن جي ڦلواڙي‘ نالي هڪ علمي، ادبي تنظيم پڻ شروع ڪئي وئي، جنھن ۾ سڄيءَ سنڌ جي ٻارڙن ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترن ئي شھرن ۾ ھن تنظيم جون شاخون کولي، ڪم ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح 15 جنوري 1961ع تي ’گل ڦل‘ جي ٻي سالگره جي موقعي تي، ’ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين‘ حيدرآباد ۾ ٻارڙن جو شاندار ميلو منعقد ڪيو ويو. سال 1966ع ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي ڪن قانوني پيچيدگين جا سوال اٿاري ’گل ڦل‘ جي ڊڪليئريشن رد ڪري ڇڏي، جنھن ڪري ڪجهه عرصي لاءِ رسالو بند ٿي ويو. ان سان گڏ گل ڦل جي سھاري هلندڙ ’ٻارن جون ڦلواڙيون‘ به بند ٿي ويو. 1974ع ۾ ’گل ڦل‘ کي ٻيھر ڊڪليئريشن ملي ۽ شوڪت حسين شوري کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، جنھن ’گل ڦل‘ کي وري ريگيولر ڪرائي سڄيءَ سنڌ ۾ پھچايو. ان بعد انور هالائي، اڪبر جسڪاڻي، طارق عالم ابڙو، ظفر عباسي، دين محمد ڪلھوڙو ۽ نجمه پنھور ھن جا ايڊيٽر رهيا. گل ڦل رسالي جي سلسلي ۾ ’ٻارن جي ماهوار رسالي ’گل ڦل‘ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي Ph.D پڻ ڪري چُڪو آهي.


لفظ گل ڦلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو