
گل محمد کتري
گل محمد کتري: گل محمد ولد محمد اسماعيل کتري 1919ع ڌاري موسيٰ لين لياري (ڪراچي) ۾ پيدا ٿيو. هُو چار درجا سنڌي/انگريزي ۽ ڪجهه گجراتي پڙهيو. ’انڊس آرٽ‘ جو پايو وجهندڙ ھن مصور، مصوريءَ جي سکيا مشھور آرٽسٽ چرن جيت وورديءَ کان ورتي. ھن 1946ع ۾ آرٽ اسٽوڊيو جو بنياد رکي سنڌ ۽ سنڌو تھذيب تي ڪم شروع ڪيو. ڪمرشل آرٽ ۾ ھن پوسٽر ڊزائننگ، گلاس پينٽنگ، سائن بورڊ، ٽيڪسٽائيل ڊزائن، ٿئيٽر جا ڊزائين، سينما جا پوسٽر، ٽائلن جي ڊزائننگ ۽ ان کان سواءِ سنڌي، اردو، ھندي، گجراتي ۽ انگريزي خطاطي پڻ ڪئي. ھن 17 جولاءِ 1947ع تي ’مھراڻ ثقافتي جماعت‘ جو بنياد رکي، ان جو پھريون صدر منتخب ٿيو. 1958ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ 1959ع ۾ آرٽسٽ گروپ ڪلب جو ميمبر ٿيو.سندس تحريري ڪمن ۾: (1) شاهه عبداللطيف آرٽ (ڀاڱو پھريون، اردو ۽ انگريزي ترجمو ۽ (2) نقوشِ لطيف (اردو، ھندي، انگريزي ۽ گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ھن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي بيتن تي رنگين اسڪيچ ٺاهيل آھن.) شامل آھن. سندس مشھور فن پارن ۾ شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي مصوري ۽ چٽن وسيلي نقش نگاري/عڪاسي، رني ڪوٽ جي مختلف منظرن جي ’پينارومڪ پينٽنگ‘ وسيلي سيريز، اوجها سينيٽوريم جي آئل پينٽنگ جي سيريز، خاڪروب/ٻھاريدار مائي جي آئل پينٽنگ، هڪ ماءُ جو ڇريءَ وسيلي گهڙيل مجسمو، ”گلوري آف ٺٽا“ آئل پينٽنگ ۽ ’ٺٽو سجاول برج‘ آئل پيٽنگ ۽ ٻيا ڪيترائي شاهڪار شامل آھن. مختلف ادارن پاران سندس ٺاهيل تصويرن جون 60 نمائشون ٿيون. کيس فن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا. ان کان علاوه سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف آرٽ ايند ڪرافٽس، ڪراچيءَ جي اڳوڻي باني افسر مدد نقوي پاران سندس مجسمو ٺھرايو ويو، جيڪو هاڻي مھراڻ آرٽ ڪائونسل لطيف آباد، حيدرآباد ۾ رکيل آهي. 1972ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ جڏھن جي. ايم سيد تي بم حملو ٿيو هو ته ان ۾ گُل محمد به زخمي ٿيو هو. ٽي. بيءَ جي پراڻي مرض سبب هن 20 مارچ 1979ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.