
گل محمد چنا
گل محمد چنا: گل محمد ولد محمد عمر چنا، 3 اپريل 1937ع تي نوابشاهه شھر ۾ جنم ورتو. ايڇ. ايم. خواجه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. شاگرديءَ واري دؤر ۾ نوابشاهه مان 1955ع ڌاري ’ادا‘ مئگزين جاري ڪيائين. اڳتي هلي ايڇ. ايم. خواجه هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. 1962ع ۾ خانگي بئنڪ ۾ ملازم مقرر ٿيو. هن 1974ع ڌاري Banking Magazine نالي رسالو جاري ڪيو. سڪرنڊ ۽ نوابشاهه ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جو بنياد وڌائين. سندس هڪ ناول ’پيار ۽ پڇتاءُ‘ 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران شايع ٿيو. 26 جنوري 2003ع تي وفات ڪيائين.
1937.04.03 عيسوي
مشهور اديب گل محمد ولد محمد عمر چنا، 3 اپريل 1937ع تي نوابشاهه شهر ۾ جنم ورتو.
2003.01.26 عيسوي
گل محمد چنا جي وفات 26 جنوري 2003ع تي ٿي.