گل محمد قريشي حڪيم

گل محمد قريشي حڪيم

گل محمد قريشي حڪيم

گل محمد قريشي، حڪيم: گل محمد قـريـشيءَ ولد مولانا غلام حـسـين قـريـشـي ڳـوٺ ‘تـرائـي‘، تـعلقي مديجي، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. 1922ع کان لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو. هـن خان بھادر مـحـمـد ايوب کھڙي جـي مدد سـان مـدرسـي دارالاشـاعـت لاءِ هـڪ پـائـي في فوٽ جي حساب سان پلاٽ وٺـي مـدرسو قـائـم ڪـرايو. مـولانـا گـل مـحـمـد قريشي ’معراج رسول‘ عنوان سان هڪ ڪتابچو لـکـيـو، ان کان سواءِ سندس ڪتابن ۾: ’خلفاءِ رسول‘، ’الـوظـائـف قـلـمـي‘ ۽ ’حـقوق السلام‘، شامل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو