سيد گل محمد شاهه بخاري

سيد گل محمد شاهه بخاري

گل محمد شاھہ بخاري

گل محمد شاھہ بخاري: مشھور اديب، محقق ۽ تعليمدان پروفيسر سيد گل محمد شاھہ ولد سيد غلام شاھہ بخاري، 21 آگسٽ 1960ع تي شھدادڪوٽ شھر ۾ جنم ورتو. هن اسلامڪ ڪلچر، پوليٽيڪل سائنس، سنڌي، مسلم هسٽري، فارسي ۽ عربيءَ ۾ مختلف وقتن تي ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم کاتي ۾ سندس پھرين مقرري اسلاميہ ڪاليج ڪراچي ۾ پروفيسر طور ٿي. بعد ۾ ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ ۾ پروفيسر ۽ پرنسپال ٿيو. 1988ع کان شاعري ۽ نثر لکڻ جي شروعات ڪئي. سيرت پاڪ سان سندس خاص لڳاءُ هو. هن سيرت لائبرري پڻ قائم ڪئي. جنھن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردو ۾ ديني ڪتاب ۽ قرآن شريف جا نسخا موجود آهن. هي سيرت اڪيڊمي شھدادڪوٽ جو باني ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي، سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’سبحان جي ساراھہ‘ (سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون حمديه ديوان)،(2) ’ذڪر رسول‘ (نعتيه شاعري)، (3) ’سرور عالم‘ (نعتيه ديوان)، (4) ’سيد المرسلين‘ (نعتيه شاعري)، (5) ’عزيز نامو‘، (6) ’ديوان گل بخاري‘ (غزلن جو مجموعو)، (7) ’انسان نامو‘، (8) ’سنڌيءَ ۾ حديث نگاري‘، (9) ’سنڌيءَ ۾ سيرت نگاري‘ (10) ’شھدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر‘، (11) ’آب ڪوثر‘، (12) ’موتي ميڙيا مون‘ (شاعري)، (13) ’سنڌي ادب مين کتب سيرت‘، (14) ’دل ڪي باتين‘ (شاعري)، (15) ’پنھنجو مٽ پاڻ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. سندس خدمتن عيوض کيس 8 ڀيرا صدارتي اوارڊ (1991ع، 1993ع، 1995ع، 1999ع، 2008ع، 2012ع ۾ (ٻہ دفعا) ۽ 2015ع) مليا. هن 25 آڪٽوبر 2023ع تي دل جي دوري سبب شھدادڪوٽ ۾ وفات ڪئي.


لفظ گل محمد شاھہ بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.21  عيسوي

اديب، پروفيسر سيد گل محمد شاهه ولد غلام شاهه، 21 آگسٽ 1960ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.


2023.10.25  عيسوي

سيد گل محمد شاهه بخاري 25 آڪٽوبر 2023ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ ذوالفقار
رسول بخش ٻگهيو گچيرائي
زرداري ڊاڪٽر محمد لائق
رسول ميمڻ
ڄيٺو لالواڻي
عبدالجبار عابد لغاري
صاحب سنگهہ بولسنگهہ
قلندر شاھہ لڪياري
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
سليم ميمڻ پروفيسر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون