گل غيب درگاهه

گل غيب درگاهه: مڪلي باءِ پاس روڊ جي ڏکڻ طرف هڪ جبل جي بٺي/ٽڪري آهي. جنھن جي چوٽيءَ تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺھيل آهن. بٺيءَ جي چوٽيءَ تي ٻھ قبرون ٺھيل آھن، جن مان هڪڙي گل غيب شاهه جي نالي سان مشھور آهي ۽ ٻي قبر، مڪليءَ تي موجود قبرن جھڙي آهي، جنھن جي چئني پاسي قرآني آيتون لکيل آھن. هي قبرون آڳاٽيون آهن پر هتي قبرن کان سواءِ ديوارن وغيره جا آثار قبرن کان آڳاٽا آهن. جن ۾ پراڻي دؤر جون سرون ۽ وڏي سائيز جا پٿر به استعمال ٿيل آهن. بُٺيءَ جي الھندي پاسي هڪ مناري جا آثار موجود آهن. هتي هڪ وڏي ڪمري جا آثار پڻ موجود آھن، جنھن جي بنياد ۾ پٿر جون وڏيون ڇپون استعمال ٿيل آھن، پاسي ۾ هڪ وڏو کڏو ٺھيل آهي. هيءَ ٽڪري پراڻي دؤر جو هڪ مورچو يا چوڪي چئي سگهجي ٿي. ڇو ته قديم، ڪلان ڪوٽ وارو قلعو ھن کي بلڪل ويجهو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو