گل حسن مري

گل حسن مري: ٽالپرن ۽ شاهه شجاع جي وچ ۾ ٿيل کرڙيءَ جي جنگ (1734ع) ۾ بھادريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙن ۽ شھيد ٿيلن ۾ گل حسن مري به شامل آهي. سندس والد مستي خان (ثاني) به ويڙهاڪ هو. گل حسن تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ تلوار هلائڻ جي سکيا ورتي. 1834ع ۾ جڏھن شاهه شجاع ۽ ميرن جي وچ ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي جنگ لڳي، تڏھن گل حسن کي شاديءَ جو ڳانو ٻڌل هو ۽ سندس ڪنوار ونواهه ۾ ويٺل هئي. سندس ڀاءُ محبت خان جي اڳواڻيءَ ۾ لشڪر جنگ لاءِ سنبريو ته هي به ان ۾ شامل ٿيو. شاديءَ سبب سڀني جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان کيس روڪيس، پر وطن تي ڏکي گهڙيءَ سبب ھن ڪنھن جي به نه ٻڌي ۽ ويڙهه لاءِ روانو ٿيو. کرڙيءَ جي ميدان ۾ پٺاڻن ۽ سنڌين جا لشڪر هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿيا. گل حسن بھادريءَ سان ويڙهه ڪندي، شاهه شجاع جي ڪيترن ئي ويڙهاڪن جا سر لاهي پاڻ به شھيد ٿي ويو. سندس لاش جنگ جي ميدان مان کڻائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس شھادت تي هڪ جملو مشھور ٿيو ”گل حسن ’گل‘ ٿيو. جنھن مستي ملهايو.“


لفظ گل حسن مريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو