گل حسن لغاري ڊاڪٽر

گل حسن لغاري، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر گل حسن لغاري 12 ڊسمبر 1938ع تي، ڳوٺ محمد علي لغاري، ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو. فارسيءَ ۾ بي. اي (آرنرز) ۽ 1965ع ۾ بي. ايڊ ڪرڻ کان پوءِ 1968ع ۾ ليڪچرر طور ايبٽ آباد ۾ مقرري ٿيس. ھن ’سنڌ ۾ فارسي نثر نويسيءَ جي تاريخ‘ جي عنوان سان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. 12 ڊسمبر 1998ع تي رٽائر ٿيو. تھران يونيورسٽي ايران پاران 1975ع ۾ ڪجهه عرصو پاڪستان ۾ جديد فارسيءَ جي استادن کي تربيت ڏيندو رهيو. سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ لکندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’عشق ڪيم اظھار‘، ’نواب ولي محمد لغاري‘، ’فارسي ادب ۽ عرفان جي آئيني ۾‘، ’سامي ويدانتي شاعر‘، ’خواجه محمد زمان جي فارسي بيتن جو ترجمو‘، ’سيرت پاڪ ۽ فارسي ادب‘، ’فارسيءَ جا نثر نويس‘، ’جديد فارسي زبان ۽ قديم ايراني لھجا‘ (سنڌي)، ’سچل سارو سچ‘، ’ابيات سلطان باهو‘ (ترجمو ۽ شرح)، ’عرفان جي واٽ‘ (ترجمو ۽ شرح) شامل آهن. 7 نومبر 2008ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.12.12  عيسوي

ڊاڪٽر گل حسن لغاري 12 ڊسمبر 1938ع تي، ڳوٺ محمد علي لغاري، ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو.


2008.11.07  عيسوي

ڊاڪٽر گل حسن لغاري 7 نومبر 2008ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ محمد دودائي
راجيش ڀاردواج
جاويد جبار
عمر بن عبدالعزيز هباري
علياڻي محمد ڄام
خادم منگي ڊاڪٽر
الھبچايو ميمڻ
پاٽائي مخدوم عباس
ڇاٻڙيا آرتي
پير هدايت ﷲ ٺُلاهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون