گل بيگ ٽنگڙي: گل بيگ فقير ’ٽنگڙي‘ ٽالپرن جي ٽنگڙي پاڙي مان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي خاص ساٿين ۾ شامل هو. بلوچستان جا بروهي، لڪ کان کوسن ۽ ٻين قبيلن جي ڳوٺن ۽ وسندين تي حملا ڪري ڦرمار ڪندا هئا. گاجي شاهه، ميان نصير محمد جي حڪم تي بروهين کي سيکت ڏيڻ لاءِ چڙهي ويو. گاجي شاهه سان گڏ گل بيگ ’ٽنگڙي‘ به انهيءَ معرڪي ۾ حصو ورتو ۽ وڙھندي شھيد ٿيو. سندس مزار گاجي شاهه جي ڏکڻ ۾ چوديواريءَ اندر آهي.