گل بيگ خان رند

گل بيگ خان رند : گل بيگ خان رند سنڌ جو مشھور سگهڙ ۽ لوڪ ادب جو پارکو ٿي گذريو آهي. هن 1939ع ڌاري تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري جي مشھور ڳوٺ باجارن جي ڀر ۾ قائم ننڍڙي ڳوٺ چينگاڻيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعلق رندن جي شاخ هوٿياڻي بلوچن سان آهي. سندس خاندان جي گذر معاش جو واحد ذريعو زرعي زمين آهي. هن کي 100 ايڪڙ زمين ورثي ۾ ملي، جيڪا سندس گذر جو واحد ذريعو آهي. اسڪولن جي سهولت نہ هئڻ سبب پڙهي نہ سگهيو، پر پندرهن سالن جي عمر ۾ ئي سگهڙپائيءَ ۾ نالو ڪڍيائين. ننڍي هوندي والد سان گڏ ڪچهرين ۾ ويندو هو، جتان لوڪ ادب جو ورثو کيس مليو ۽ هن پهرين مختلف شاعرن جا بيت، ڏور، ڳجهارتون، هنر وغيرہ ياد ڪيا ۽ بعد ۾ خود تر جو مشھور سگهڙ ٿي ويو. هن ڏور بيت، ڳجهارتون ۽ هنر لکيا آهن. گل بيگ رند ڀت جبل گئس فيلڊ ۾ چوڪيدار آهي ۽ مقامي سگهڙن ۾ سندس نالو نمايان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو