گليلي/گليل: هي اَن وارن فصلن جي جهار هڪلڻ ۽ پکين جو شڪار ڪرڻ لاءِ ٻسانگي ڪاٺيءَ ۽ رٻڙ سان جوڙيل هڪ قسم جو هٿيار آهي. ھن جي ڪاٺي هڪ فوٽ ڊگهي ٻسانگي ٿئي، جنھن جي ٻنهي ڦنگن ۾ اڌ اڌ فوٽ جا (آڳاٽي دؤر ۾ چمڙي ۽ هاڻي رٻڙ جا) ڪشا لڳايا ويندا آهن. اهي ٻئي ڪشا وري 4 انچ جي چمڙي جي پٽيءَ ۾ لڳل هوندا آهن. ان چمڙي جي پٽيءَ تي مٽيءَ جو گليلو يا پٿر وجهي، آڱرين جي مدد سان ان مٽيءَ جي ڍيري، پٿر يا گليلي کي چمڙي واري پٽيءَ ۾ قابو جهلي، ٻسانگي ڪاٺيءَ جي پوئين ڇيڙي تائين ڇڪي، شڪار/ پکيءَ وغيره طرف زور سان اڇلائبو آهي. رٻڙ جي ڪشن جي ڇڪ سبب اهو ڍيرو، پٿر يا گليلو ايترو ته زور سان ويندو آهي، جو اهو شڪار يا پکيءَ کي لڳو ته بچي نه سگھندو، ٻار نشانو چٽڻ لاءِ گليلي کي رانديڪي طور پڻ استعمال ڪن ٿا.