گلن جهڙا ٻارڙا

گلن جهڙا ٻارڙا (ٻارن جي تنظيم): روزاني ’هلال پاڪستان‘ ٻارن جو علمي ادبي صفحو ’گلن جھڙا ٻارڙا‘ 1974ع ڌاري جاري ڪيو. 19 جولاءِ 1974ع تي ’گلن جھڙا ٻارڙا‘ نالي سان ئي ٻارن جي علمي ادبي تنظيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنھن جو سرپرست محمود يوسفاڻي، پھريون مرڪزي آرگنائيزر خدا بخش ابڙو، چئرمئن ناصر جمال پٺاڻ، وائيس چئرمئن نذير قاسمي، سيڪريٽري جنرل همايون گل ۽ ڊپٽي سيڪريٽري رفيق ميمڻ مقرر ڪيا ويا. ھن تنظيم سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن ۾ پنھنجا ضلعي آرگنائيزر مقرر ڪيا.
هن تنظيم پاران ٻارڙن جا ڪيترائي پروگرام ۽ سرگرميون ڪيون ويون. اڳتي هلي محمود يوسفاڻيءَ جي ادارت هيٺ ساڳئي نالي سان ماهوار رسالو به جاري ڪيو ويو. محمود يوسفاڻيءَ هلال پاڪستان ڇڏڻ کان پوءِ حيدرآباد مان ساڳئي نالي سان ڪتابي سلسلو جاري ڪيو، جنھن پاران ڪجهه ڪتاب شايع ٿيا ۽ پوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو