گلزار رسالو

گلزار (رسالو): هي ماهوار ٻاراڻو رسالو 1930ع کان حيدرآباد مان ڪرڻ شروع ٿيو. جنھن جو سرپرست ۽ ايڊيٽر محمد صديق محمد يوسف ميمڻ هو. تعليم کاتي مان منظور ٿيل هن رسالي ذريعي اسڪولي ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجهڻ لاءِ تعليمي، ادبي ۽ تاريخي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا. هي رسالو ’اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس‘ حيدرآباد ۽ ’مسلم ادبي پريس‘ ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد مان ڇپبو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو