گلزار

گلزار: اردو زبان جي شاعر، مڪالما نويس، ليکڪ ۽ هدايتڪار گلزار جو اصل نالو سمپورن سنگهه ڪالرا آهي. هن 18 آگسٽ 1934ع تي جھلم پنجاب جي ويجهو دينه ڳوٺ ۾ مکن سنگهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ سندس ڪٽنب هندستان لڏي ويو. سندس ادبي تخليقون پاڪستان جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1963ع ۾ فلم ’بندني‘ لاءِ گيت ’مورا گورا انگ‘ لکڻ سان ڪئي. ان کان پوءِ هن ايس. ڊي. برمن، آر. ڊي. برمن، وشال ڀارواج ۽ اي. آر رحمان موسيقارن سان ڪم ڪيو. ان کان علاوه هن هدايتڪار طور ’ماچيس‘، ’دل سے‘، ’آنڌي‘ ۽ ’موسم‘ جھڙيون فلمون ٺاهيون. سندس ٽيلي ڊرامو ’مرزا غالب‘ پڻ تمام گهڻو مقبول ٿيو. هن ٻارن لاءِ نظم ۽ نثر لکيا، جن مان ڪيترائي نظم مشھور ٿيا. سندس لکيل مشھور فلمي گيتن ۾، ’تجھ سے ناراض نہيں زندگی‘، ’تيرے بنا زندگی سے‘، ’آنے والا پل جانے والا ہے‘، ’تم آگئے تو نور آگيا ہے‘ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. هي تنظيم ’آ روشي‘ ۽ ’ايڪلا ويا فائونڊيشن‘ سان پڻ لاڳاپيل آهي.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن جي مھم ’امن کی آشا‘ لاءِ هن ترانو ’نظر مين رهتي هو‘ لکيو، جيڪو شنڪر مھاديون ۽ راحت فتح علي خان ڳايو. اردو زبان کانسواءِ پنجابي، مارواڙي ۽ برج ڀاشا ٻولين ۾ به لکندو رهيو آهي. سندس شاعري ٽن مجموعن ۾ شايع ٿي آهي: (1)’چاند پکھراج کا‘، (2) ’رات پشمینے کی‘ ۽ (3) ’پندره پانچھ پچھتر‘ شامل آهن. سندس گيتن جا انگريزي ۾ ترجما ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪا آهن. 2004ع ۾ ڀارتي حڪومت پاران ’پدماڀوشن‘ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، ’دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن. هن کي ’مولانا آزاد نيشنل اردو يونيورسٽي‘ حيدرآباد پاران مارچ 2012ع تي ڊي. لٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي. 2013ع ۾ کيس آسام يونيورسٽي جو چانسلر مقرر ڪيو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’دھواں‘ (افسانو، 2004ع)، ’راوی پار‘ (2001ع)، ’پچھلے پنے‘ (2013)، ’کسم اگرج کی چنی سنی نظمیں‘ (ترجمو، 2007ع)، ’دو لوگ‘ (ناول 2017ع)، ’قدم زیرو لائن پر‘ (2018ع)، ’بوسکی کا پنج تنز‘ (2025ع)، ’تحرير منشی پرچم چند کی‘ (2025ع)، ’منظر نامہ‘ ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.08.18  عيسوي

اردو زبان جي شاعر، مڪالما نويس، ليکڪ ۽ هدايتڪار گلزار جو اصل نالو سمپورن سنگهه ڪالرا آهي. هن 18 آگسٽ 1934ع تي جھلم پنجاب جي ويجهو دينه ڳوٺ ۾ مکن سنگهه جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارشد هالائي
محمد خان مسرور سيال
عاجز اڄڻ
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
سرور علي سرور سلاوٽ
لاکو پير لطف الله
حمايت علي شاعر
احمد سليم
غالب ملڪاڻي
ابڙو روبينا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون