
گـُل بانو
گـُل بانو (لوڪ ڳائڻي): گل بانو 14 آگسٽ 1959ع تي سن شھر، ضلعي ڄامشوري ۾ پانڌي خان ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ 1980ع ۾ ميران محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، جتي جڳ مشھور گلوڪاره عابده پروين ساڻس گڏ پڙھندي هئي. هوءَ شروع ۾ خاندان جي شادين مرادين ۾ سھرا ۽ ڳيچ ڳائيندي هئي، جنھن کان پوءِ ھن استاد محمد جمن کان باقاعدي راڳ جي سکيا ورتي. ھن 1974-1973ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پروڊيوسر امداد خواجه جي نگريءَ ۾ پنھنجي فني سفر جو آغاز ڪيو. ھن ريڊيو تي ڊراما به ڪيا، ٽي.وي، اسٽيج ۽ فلم ۾ به ڪم ڪيائين. فلم ’پيار ڪيو سينگار‘، ’ڌرتي دل وارن جي‘، ’برسات جي رات‘ ۽ ’رت جا رشتا‘ ۾ اداڪاري ڪئي اٿس. ھن سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري لوڪ گيت ۽ ڪافيون ڳايون، هوءَ هارمونيم به تمام سٺو وڄائيندي هئي. ھن 1999ع ۾ وفات ڪئي.
1959.08.14 عيسوي
گل بانو 14 آگسٽ 1959ع تي سن شھر، ضلعي ڄامشوري ۾ پانڌي خان ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو.