گُرڻي (اڏاوت): سنڌ جي سامونڊي علائقن توڙي ٿر ۾ برسات، طوفان يا زلزلي جي اڳواٽ اڳڪٿين سبب، ماڻهو نقصان ۽ خطرناڪ صورتحال کان بچڻ لاءِ گرڻيون ٺاهي رهڻ کي خاص اهميت ڏيندا آھن. گرڻي ٺاهڻ لاءِ چار بانس يا سڌا لڪڙا زمين تي چورس وڇائي، ڇيڙن وٽ پاڻ ۾ ٻڌي، ان جي ٻن آمهون سامهون وارن بانسن تي ڪنھن وڻ جون 10 کان 12 ڪچيون ڪامون ٻڌن، جيڪي هڪ بانس کان ٻئي بانس تائين مُڙي سگهن. ان کانپوءِ انهن موڙيل ڪامُن جي مٿان اڳئين وقت ۾ چمڙي ۽ هاڻي پلاسٽڪ وجهي، ان جي مٿان پراڻيون رليون يا چادرون وجھن، جيئن مينھن جي ڦُڙڦڙ سبب پلاسٽڪ آواز نه ڪري. ھن قسم جي گرڻي ۾ اها به سھولت ٿئي ته جنھن پاسي کان برسات جو زور هجي يا جنھن طرف کان هوا ايندي هجي ته گرڻي کي بانسن مان جهلي پنھنجي مرضيءَ جي طرف رکي سگهجي ٿو. گرڻي پيھي يا کٽ تي به ٺاهي ويندي آهي.