گرگلا

گرگلا: هي پاڻ کي راجپوت ۽ اصل ٻاڙمير، ڇھوٽڻ ۽ راڌڻ پور جا سڏائين ٿا.’ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا‘ موجب ”گرگلا ڀيلن جي هڪ ذات آهي، جيڪي رلي پني پيٽ پالين ٿا، رسم ۽ رواج ۾ باگڙين جھڙا لڳن ٿا. ڪنھن دور ۾ هي سَرن ۽ پيش مان تڏا، توريون، ڪِڙيون، چکون، برش، ٻھارا ۽ ٻيون شيون ٺاهي وڪڻندا هئا“. گرگلن جو سنڌ ۾ مڙهه مقام ڀٽ ڀائٽي ضلعو سانگهڙ آهي، سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو گرگلو مري ويندو آهي ته انهيءَ کي دفنائيندا ڀٽ ڀائٽي ۾ آھن. ڀٽ ڀائٽي ڀرسان گرگلن جو قبرستان قبول شاهه مشھور آهي، انهن گرگلن جو اصل ڪم مٽي مان رانديڪا ٺاهي وڪڻڻ آهي. کاري ۾ مٽي جا ٿانوَ کڻي وڪڻڻ کانسواءِ چوڙيون ۽ ٻُھارا ٺاهي وڪڻن. انھن گرگلن جون به مختلف نکون آھن، جن ۾ مرکٽ، ليڙيا، سوڍا، ڪاريندا وغيره ڀيلن سان ملن ٿيون. هي اڪثر ڪري ٻين ھندو قبيلن وانگر ساڳئي نک ۾ شاديون ناھن ڪندا.
گرگلن جو جيڪو گرو مھراج هوندو آهي، انهيءَ کي ساڙيندا آھن، باقي هر گرگلي کي دفن ڪندا آھن. انهن گرگلن جو هڪڙو ڪم جنڊ وڪڻڻ به هو. هي پٿر مان ٺھيل جنڊ کڻي وڪڻندا هئا. هاڻ انهن گرگلن ۾ مردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هاڻ چوڙيون، رانديڪا ۽ ٻُھارا وڪڻڻ و ارو ڪم گرگليون ڪن ٿيون، پر انهن گرگلين سان گڏ ڪو نه ڪو مرد گرگلو هوندو آهي. جنڊ ۽ رانديڪن وڪڻڻ جي ڌنڌي جي ختم ٿيڻ سبب هاڻي ھنن جي گذر سفر جو ذريعو خيرات وٺڻ آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو