
گُرڙُ پکي
گُرڙُ پکي: آڳاٽي دور جي آکاڻين ۾ گُرڙُ پکيءَ جو ذڪر گهڻو ملي ٿو. اهو آکاڻين وارو گرڙ پکي ايڏو وڏو هوندو هو، جو جيئري جاڳندي انسان کي پنھنجن چنبن ۾ پڪڙي اڏامي ويندو هو. هن جي رهائش وڏن جبلن تي هوندي هئي. سنڌ باد جي سفرنامن واري قصي ۾ به گرڙ پکيءَ جو ذڪر آهي. هن منفرد پکيءَ کي انگريزيءَ ۾ Lammergeier ۽ Bearded Vulture ۽ فارسيءَ ۾ ’هُما‘ ۽ ’سيمرغ‘ چوندا آهن. هن جي سائنسي سڃاڻپ Gypaetus Barbatus جي نالي سان ٿيندي آهي. قديم دور کان وٺي هن پکيءَ کي ڀاڳ جي علامت ليکيندا آهن. چوندا آهن ته جنھن ماڻهوءَ تي هُما پکيءَ جو پاڇولو پيو، اهو ضرور بادشاهه ٿيندو. اهو به چيو ويندو هو ته جيڪو هن پکيءَ کي ماريندو، اهو چاليھن ڏينھن ۾ پاڻ به ضرور مرندو. هن جي کاڌ خوراڪ 80 کان 90 سيڪڙو صرف هڏا هوندا هئا. مئل جانورن جا هڏا کائڻ لاءِ به هي ڏاڍو دلچسب طريقو استعمال ڪندو هو. هي هڏا چنبن ۾ کڻي فضا جي بلنديءَ تان پٿرن تي ڪيرائندو هو، ته جيئن اهي ڀڄي ڀري پون ۽ پوءِ سولائي سان کائي سگهي. هن جي معدي ۾ وڌيڪ تيزابيت هن کي سخت هڏا هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي هئي.
هن جي مادي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو سياري جي آخر ۾ هڪ يا ٻه آنا لاهيندي هئي. 55 کان 60 ڏينھن جي آري کان پوءِ آني مان ٻچو نڪرندو، جيڪو 100 کان 130 ڏينھن تائين آکيري ۾ رهندو ۽ ان کان پوءِ اڏامڻ جي لائق ٿيندو هو، هن جي سراسري عمر 22 کان 45 سال ليکي ويندي هئي.