
گرو نانڪ
گرو نانڪ: سک ڌرم جو باني ۽ ’گرو گرنٿ‘ (مذهبي ڪتاب) جو تخليقڪار گرونانڪ 15 اپريل 1469ع تي راءِ ٻوهيءَ جي تلونڊي لاهور ويجهو هاڻوڪي نانڪاڻا ۾ مھتاڪالو (ڪلياڻ چند داس بيدي) جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ترپتا ديوي هو. سندس والد راءِ بھادر ڀٽي نالي هو. هن شروعاتي تعليم هندي ۽ فارسيءَ ۾ حاصل ڪئي. ڪجهه عرصي لاءِ نواب دولت لوڌيءَ جي جاگير تي نوڪري ڪيائين. اوڻيھن سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ماتا سلکنيءَ سان ٿي. جنھن مان کيس ٻه پٽ شري چند (8 سيپٽمبر 1494ع- 13 جنوري 1529ع) ۽ لکمي چند (12 فيبروري 1497ع- 9 اپريل 1555ع) نالي ٿيا. هن کي ٽيھن سالن جي ڄمار ۾ ويراڳ لڳو. 1499ع ڌاري هڪ ڏينھن اوچتو ڳوٺاڻن کي سندس ڪپڙا نديءِ جي ڪناري تي مليا، جنھن تي خدشو ظاهر ٿيو ته گرو نانڪ نديءَ ۾ ڪري ٻڏي ويو آهي پر نديءَ ۾ وڏي ڳولا باوجود سندس مڙهه هٿ نه آيو. ٺيڪ ٽن ڏينھن بعد ظاهر ٿيو ۽ خاموشي اختيار ڪري ويٺو رهيو. ٻئي ڏينھن هن ڳالهائيندي چيو ته ’نه ڪو هندو آهي ۽ نه ئي ڪو مسلمان آهي، بلڪ سڀ انسان آهن. ته مونکي ڪھڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ يقينن مونکي خدا جي واٽ تي هلڻ گهرجي.‘ ان کان پوءِ پاڻ کي گرونانڪ سڏائڻ شروع ڪيائين ۽ ائين سک ڌرم جو وجود عمل ۾ آيو، يوڳي ٿي سفر ۾ نڪري پيو ۽ هزارين ڪلو ميٽر سفر ڪري فطرت جو مشاهدو ماڻيائين. هن پھريون ڀيرو بنگال، آسام، تامل ناڊو، ڪشمير، لداخ ۽ لکپت کانسواءِ بغداد، مڪي ۽ مديني جو سفر به ڪيو. سير سفر دؤران ڪيترن جوڳين ۽ صوفي فقيرن جي صحبت ۾ اچي انهن سان روح رهاڻيون ڪيائين. خاص ڪري پاڪ پتن ۾ بابا فريد گنج شڪر جي درگاهه تي آيو. 1604ع ۾ گرو ارجن پاران مرتب ڪيل ’گرو گرنٿ‘ ۾ شيخ فريد جي نالي 112 سلوڪ ڏنل آهن. خليق احمد نظامي (بابا فريد جي سوانح ۽ ڪلام جو محقق) جو خيال آهي ته اهي سلوڪ بابا فريد جا نه بلڪه شيخ ابراهيم جا آهن، جنھن سان گرو نانڪ جون ڪافي صحبتون رهيون. گرونانڪ جي تعليمات تي مبني ڪتاب ’گرو گرنٿ صاحب‘ گرو نانڪ جي واڻي گرمُکيءَ زبان ۾ سرجيل آهي. گرو نانڪ خاص طور خدا جي وحدانيت، پنھنجو پاڻ مان ’انا‘ کي ڪڍڻ، ڪوڙ کان پري رهڻ، خدا جي عبادت ۽ ان جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ، منافقت کان پري رهڻ، ٻين جي مدد ڪرڻ وغيره جھڙي تعليم ڏني ۽ ڄاڻايو ته ڪا به ذات خدا کان ڌار ناهي. گرو نانڪ 22 سيپٽمبر 1539ع ڌاري ڪرتارپور ۾ هيءَ دنيا ڇڏي.