گرو لڪ

گرو لڪ: کيرٿر جبل جي سليماني چوٽي، جيڪا اٽڪل ٽي هزار فوٽ اوچي آهي. تنھن جي ٿورو هيٺان ڏکڻ ۾ گرو لڪ آهي ۽ ان لڪ جو رستو اڳائي نئن مان آهي. ھن لڪ مان گورک چوٽيءَ ڏانھن به رستو نڪري ٿو. هيءُ لڪ ٻين لڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو سولو آهي، جنھنڪري گهڻي آمد رفت هيٺ رهي ٿو. ھن لڪ مان لنگهي بلوچستان جي مشھور شھر سرونا ۾ پھچبو. سرونا هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتان قافلا ڪنرراچ کان لنگهي لسٻيلي ڏانھن به وڃن ٿا. ڏکڻ ۾ قافلا ديوان ۽ ھنيدان ڏانھن وڃن ٿا.


لفظ گرو لڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو