
گرهوڙ شريف
گرهوڙ شريف: سنڌ جي هن قديم وسنديءَ جي آباد ٿيڻ جا آثار 700 هجريءَ کان به اڳ جا معلوم ٿين ٿا. گرهوڙ شريف کپري شھر کان 33 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. ھن علائقي جي وڌيڪ سڃاڻپ تڏھن ٿي جڏھن وقت جو نامور عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي هتي اچي رهائش پذير ٿيو. سندس آخري آرام گاهه به گرهوڙ شريف ۾ آهي. مقبري جي چوطرف هڪ قديم قبرستان پڻ آهي، جيڪو هاڻي ڦٽي چُڪو آهي. گرهوڙ شريف کي انگريزن جي دور ۾ ديھه جو درجو مليو، سال 1964ع ۾ 11 ديھون گڏائي گرهوڙ شريف کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو. ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ گرهوڙ شريف کي تعلقي کپري کان ٽوڙي نئين تعلقي سنڌڙي، ضلعي ميرپور خاص ۾ شامل ڪيو ويو. ھن وقت گرهوڙ شريف جي آدمشماري لڳ ڀڳ 7 هزار آهي.