گردوارو، پھرين پاتشاهي، ڪراچي: ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن جي علائقي ۾ قائم سکن جي هيءَ عبادتگاهه تمام گهڻي مشھور آهي. مقامي ماڻهو هتي سير ۽ تفريح لاءِ پڻ ايندا آھن. ھن گردواري کي عام طور شري رتنيشور مھاڏيو مندر جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.
روايت موجب گرونانڪ جي آمد کان اڳ هتي سمنڊ ديوي جو هڪ مندر هو، ھن مندر اندر ڪڏھن به ڪا مورتي رکيل نه هئي صرف هڪ ڏيئو ٻرندو رھندو هو، جنھن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ٽالپرن جي دور ۾ مير حاڪم، هر مھيني ڏيئي جي ٻارڻ لاءِ ساڍا ست سير تيل حڪومت طرفان ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. گرو نانڪ، ھن ڏيئي جي اسٿاپنا (رکڻ) کان اڳ اچي رياض ڪيو هو، جنھن هنڌ تي بعد ۾ هڪ ڏيئو روشن ڪيو ويو، جنھن کي ’گرو جوتي‘ چيو ويندو آهي.گردواري جي عمارت هڪ غار اندر تعمير ٿيل آهي، جيڪا اڇي ۽ ڪاري ماربل سان ٺھيل آهي. ڪمري جي آخر ۾ غار جو اهو حصو آهي، جتي گرو نانڪ ويھي رياضت ڪندو هو، ان ۾ اڄ تائين هڪ ڏيئي کانسواءِ ڪا به مورتي رکيل ڪانهي.