گردوارو، پھرين پاتشاهي شڪارپور: سکن جي هيءَ مقدس عبادتگاهه شڪارپور شھر ۾ حاجي شاهه روڊ تي آهي. هي گردوارو ’پڄ اداسين سماڌ آشرم‘ جي نالي سان مشھور آهي. هيءُ سکن جي وڏي ۾ وڏي عبادتگاهه ليکي وڃي ٿي. ھن ۾ اڄ تائين وڻ جو اهو ٿڙ موجود آهي، جنھن تي گرو نانڪ ويٺو هو. هتي هر روز گروگرنٿ صاحب جو پاٺ ڪيو ويندو آهي. پرڪاش آسٿان سان گڏ اداسين جون سماڌيون آھن. انھن سماڌين سبب ئي ھن گردواري کي ’سماڌ آشرم‘ چيو ويندو آهي.ھن گردواري ۾ نانڪ پنٿي سک عبادت ڪن ٿا. هتي چوويھه ڪلاڪ لنگر هلندو رهي ٿو، جنھن ۾ ماڻهو بنا تفريق جي اچي شريڪ ٿيندا آھن. گردوارو، پھرين پاتشاهي، ڪراچي: ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن جي علائقي ۾ قائم سکن جي هيءَ عبادتگاهه تمام گهڻي مشھور آهي. مقامي ماڻهو هتي سير ۽ تفريح لاءِ پڻ ايندا آھن. ھن گردواري کي عام طور شري رتنيشور مھاڏيو مندر جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.
روايت موجب گرونانڪ جي آمد کان اڳ هتي سمنڊ ديوي جو هڪ مندر هو، ھن مندر اندر ڪڏھن به ڪا مورتي رکيل نه هئي صرف هڪ ڏيئو ٻرندو رھندو هو، جنھن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ٽالپرن جي دور ۾ مير حاڪم، هر مھيني ڏيئي جي ٻارڻ لاءِ ساڍا ست سير تيل حڪومت طرفان ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. گرو نانڪ، ھن ڏيئي جي اسٿاپنا (رکڻ) کان اڳ اچي رياض ڪيو هو، جنھن هنڌ تي بعد ۾ هڪ ڏيئو روشن ڪيو ويو، جنھن کي ’گرو جوتي‘ چيو ويندو آهي. گردواري جي عمارت هڪ غار اندر تعمير ٿيل آهي، جيڪا اڇي ۽ ڪاري ماربل سان ٺھيل آهي. ڪمري جي آخر ۾ غار جو اهو حصو آهي، جتي گرو نانڪ ويھي رياضت ڪندو هو، ان ۾ اڄ تائين هڪ ڏيئي کانسواءِ ڪا به مورتي رکيل ڪانهي.گردوارو پھرين پاتشاهي، ميرپورخاص: هيءَ گردوارو ميرپورخاص شھر ۾ ريلوي اسٽيشن کان شھر ڏانھن ويندڙ مکيھ رستي جي ٻئي نمبر چوڪ تي آهي، جتي پڪين سرن سان ٽي منزل عمارت آهي. هي عمارت ڪنھن وقت سکن جي عبادتگاهه (گردواري) جو درجو رکندي هئي، پر پاڪستان جي قيام بعد ھن عمارت اندر بورڊ جي عملدارن جون آفيسون قائم ڪيون ويون. شاهي بازار جي وچ ۾ هئڻ سبب عمارت جي هيٺئين حصي ۾ دڪان آھن. هيءَ ماڙي، عمارت سازيءَ جو بھترين نمونو آهي.