گج

گج

گج

گج (ويس): هيءُ سنڌ جي عورتن جو ثقافتي ويس رهيو آهي. سنڌ ۾ عورتون آڳاٽي زماني کان وٺي چولي جي بدران ڀرت ڀريل گج ۽ گربيءَ يا موٺڙي جي شلوار استعمال ڪ نديون رهيون آھن. گج شادي شده عورتون پائينديون آھن. جسم تي گج جو ڀرت ڀريل ڪپڙو ڳچِيءَ کان وٺي پيٽ يا چيلھه تائين هوندو آهي. ان کان هيٺ وري ٻيو سوٽي يا ريشمي ڪپڙو ڳنڍيو ويندو آهي، جنھن کي ’پيٽي‘ ڪري سڏبو آهي، پٺن کان به اهڙي قسم جو ڪپڙو ملايو ويندو آهي، جنھن کي ’پٺي‘ ڪري چوندا آھن. گج لاءِ ڳاڙهو حلواڻ جو ڪپڙو استعمال ۾ ايندو آهي، جنھن کي ’اَستر‘ چوندا آھن. ان جي مٿان وري ٻئي قسم جو ڪپڙو ڀرت سان ڀريل ڳنڍيو ويندو آهي.
هي سنڌ جي سُگهڙ عورتن جي هٿ جو ھنر آهي، جيڪو سنڌ ۾ خاص اهميت رکي ٿو. گج جو ڀرت ڪنھن به ڪپڙي تي ڀري سگهجي ٿو. گج جو ڀرت هڪ الڳ ڪپڙي جي ٽڪري تي تيار ڪري ان کي چولي تي سبيو ويندو آهي. گج ۾ نج سنڌي ڀرت جو نمونو استعمال ٿيندو آهي. سڀ کان پھرين ڪپڙي جي ٽڪري تي ميٽ ڳاري سُئيءَ جي مدد سان نقش چٽيو ويندو آهي، جنھن کان پوءِ ڌاڳي سان ان نقش مٿان چورس، مستطيل، گول وغيره خانا ٺاهيا ويندا آھن، ان کان پوءِ زري ۽ رنگين پشم سان نقش جا گهر ڀريا ويندا آھن. زريءَ جي ڀرت ٻاهران رهيل جاين تي مختلف رنگن جي پشم جو ڀرت ڪيو ويندو آهي. زري ۽ رنگن جي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ٽِڪن ۽ موتين جي جڙاوت ڪئي ويندي آهي. هر خاني ۾ ڳڻپ ڪري مختلف انداز سان ٽِڪون ۽ موتي لڳايا ويندا آھن. جنھن کان پوءِ پشم مان ٺھيل ٽؤنر ھنيا ويندا آھن. ٽؤنر اڪثر ڪري ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا استعمال ڪيا ويندا آھن، ٽؤنر لاءِ مخصوص خانا يا گهر خالي ڇڏيا ويندا آھن، جن تي انهن جي جڙاوت ٿيندي آهي. ان کان پوءِ گج لاءِ ڀرت ڀريل ڪپڙو چولي تي سبيو ويندو آهي. گج ۾ سڀ کان وڏي ڪاريگري ٺاهڻ واري سگهڙ عورت جي هوندي آهي، جيڪا يادگيريءَ جي بنياد تي گج جا سمورا خانا هڪ جيترا ۽ هڪ جھڙا ٺاهيندي آهي.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گج جو ڀرت الڳ الڳ نمونن جو ڀرجي ٿو، جھڙوڪ: (1) حاڪم، (2) ست ٽِڪيو، (3) ڪنگور، (4) کٽڻھار، (5) ول سين، (6) ڦلڙين وارو، (7) دهريءَ تي ٺھيل، (8) ٽڪ ڦل، (9) انگور ڦل، (10) گل سين، (11) ڀؤنري سين ۽ (12) راھن سين وغيره. گج پنھنجي خوبصورتي ۽ نفاست جي ڪري سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر فيشن طور به استعمال ٿئي ٿو. هي ويس ٻھراڙيءَ ۾ اڄ به عام طور استعمال ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو