گجڻي جو ڀڙو

گجڻي جو ڀڙو: هي ماڳ ٿرپارڪر ضلعي ۾، نئين ڪوٽ شھر کان اوڀر ۾، هاڪڙي جي هڪ وڏي شاخ جي اڀرندي ڪپ تي، اٽڪل چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هتي سما دؤر ۾ شھر آباد هو، جنھن جا کنڊر ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل آھن، هن مان گهڻا آثار هاڻي آباديءَ هيٺ اچي ويا آھن. ڀڙي کان اتر طرف وارن کنڊرن کي ’وڏهر‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، جيڪي اصل ۾ گجڻيءَ جي مارجي ويل پٽ ’وڏهر‘ جي ياد تازي ڪن ٿا.گجڻيءَ جي ڀڙي اندر هڪ تھخانو به آهي. ان لاءِ مشھور آهي ته برطانوي دور ۾ اتان ماڻهو خزانو ڪڍي ويا هئا. ڀڙي جي ڏکڻ لڳ، ’گنجڙي گابار‘ جي مزار آهي، ڀڙي جي اولھه طرف ’درس راڄپو‘ جي مزار آهي، جنھن جو عرس هر سال نھايت شاندار نموني سان ملھايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو