گجو راڻو (شخصيت): مشھور بزرگ گجو راڻي جو اصل نالو گجيسنگهه هو. پاڻ تيرھن سالن تائين عمرڪوٽ جو راجا ۽ ڍاٽ جي سوڍن جو راڻو رهيو. ان کان اڳ ۾ ھن جو والد اورتار ڏي عمرڪوٽ جو راجا ۽ ڍاٽ جو راڻو هو، جنھن جي وفات کان پوءِ 1439ع ڌاري گجوراڻي کي راڻپ جي پڳ ٻڌرائي وئي. گجو راڻي جو نانو راجا چونڊا جي راٺوڙ، مارواڙ جوڌپور جو راڻو هو. گجو راڻي پھرين شادي جيسلمير جي راجا ڏوڌو جي ڀاٽي جي راجڪماري ڪنوري ٻائيءَ سان ڪئي. جيڪا ٿوري ئي عرصي ۾ گذاري وئي، ھن ٻي شادي مارواڙ جوڌپور جي راٺوڙ گهراڻي مان راءِ مانسنگهه راٺوڙ جي راجڪماري روپ ڪنوريءَ سان ڪئي. جنھن مان کيس چئن پٽن جو اولاد ٿيو. گجو راڻي جو ڏاڏاڻو، ناناڻو توڙي ساهوراڻو خاندان راجا گهراڻا هئا. کيس راڻي مقرر ڪرڻ وقت سوڍن جي سڀني راڄ گهراڻن جي راجائن ۽ چڱن مڙسن گڏجي پڳ کي ور ڏنا. عمرڪوٽ جي سوڍن کانسواءِ ڪيترائي مسلمان پڻ سندس پڳ جي رسم ۾ شريڪ ٿيا. گجو راڻو راجا جي حيثيت ۾ ھندن توڙي مسلمانن سان سٺو ورتاءُ رکندڙ ۽ انصاف ڪندڙ راجا هو. سندس والد جي وقت ۾ 5000 (پنج هزار) جو لشڪر هوندو هو، جيڪو ھن راڻي مقرر ٿيڻ کان پوءِ وڌائي 5500 (ساڍا پنج هزار) ڪيو. سندس لشڪر ۾ اڪثر سوڍا، ڀيل ۽ ڪولهي هوندا هئا. هو 1452ع ۾ ملتان ويو، جتي سندس ملاقات غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي تيرهين گادي نشين شيخ بھاءُ الدين ثاني قريشيءَ سان ٿي، جنھن کيس اسلام جي دعوت ڏني، جيڪا قبول ڪري مسلمان ٿيو. سندس اسلامي نالو شيخ صلاح الدين رکيو ويو، ۽ ڪجهه عرصي تائين ملتان ۾ رهي غوث پير کان ديني تعليم وٺڻ بعد عمرڪوٽ آيو ۽ سڀ کان پھرين پنھنجي گهر واريءَ ۽ چئن پٽن کي مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڏنائين. ھن جي مسلمان ٿيڻ جي خبر جڏھن سوڍن جي ٻين راڄڌانين تائين پھتي ته مٿس ارها ٿيا ۽ انهن راڄڌانين جا مُک سوڍا وٽس آيا ته پنھنجي مذهب طرف موٽي اچ، پر ھن کين جواب ڏنو. تنھن تي سوڍن پنھنجو ڪٺ گهرائي گجو راڻي جي ننڍي ڀاءُ ٿريو کي ڍاٽ جو راڻو مقرر ڪيو. ھن پوءِ به اسلام جي تبليغ جاري رکي. جنھن تي سندس مامي راءِ چوڙاجي راٺوڙ جي پُٽ جوڌپور جي راجا بجي سنگهه پنھنجو لشڪر عمرڪوٽ موڪليو. جنھن ٿريو سنگهه سان گڏجي گجو راڻي سان جنگ ڪئي. ان وقت گجو راڻو موجوده درگاهه واري جاءِ تي قائم پنھنجي ڪوٽڙيءَ ۾ چند ماڻهن سان گڏ موجود هو. گجو راڻو تلوار کڻي وڙهيو پر لشڪر گهڻو هجڻ سبب شھيد ٿي ويو. سندس شھادت جو سال 1474ع هو.
شھيد گجو راڻي کي سندس گهر سان گڏ قائم ڪيل ڪوٽڙيءَ جي پارڪ ۾ دفنايو ويو. 1774ع ۾ گجو راڻي جي مزار تي گجو قبيلي وارن هڪ کوهه کوٽايو ۽ پوءِ مقبرو به تعمير ڪرايو. گجوراڻي جي درگاهه تي هر سال 23-22-21 اپريل تي شاندار ميلو پڻ لڳندو آهي.
گجو راڻي کي چار پٽ بڻبير سنگهه، رڻبير سنگهه، جڳوٿ سنگهه عرف چاندو ۽ خروٿ سنگهه هئا. جيڪي گجوراڻي جي شھادت کان پوءِ عمرڪوٽ ڇڏي مختلف علائقن طرف پکڙي ويا. انهن چئن پٽن جو اولاد گجو راڻي جي نسبت سان گجو سڏجي ٿو.