گجر ڪوٽ: بدين ۾ روپا ماڙيءَ جي ويجهو گجر ڪوٽ هو، جيڪو گجرن جو مرڪز هو ۽ اِهو چنيسر ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر مشھور شھر هو. مشھور بزرگ پير ورو ھن شھر جو رهاڪو هو ۽ اتي ئي آرامي آهي. گُجر لاڙ جو هڪ مشھور قبيلو رهيو آهي، جيڪو جتن جو هڪ پاڙو آهي. انهن جا وڏا ھن ڪوٽ ۾ رھندا هئا. گُجرن کي سومرن هتان لوڌي ڪڍيو ۽ هو گجرات ڏانھن ويا، اتي وڃي گجرات جو پايو وڌائون.